نندوشھر( ن پ ا) اڪرم واهه جي ٽنهي سب ڊويزن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻي هينو ويو،ان موقعي تي ٽيل آبادگار ايسو سيئيشن اڳواڻ عزيز ڏيرو ، لالا نواز شيخ ، سنڌ ترقي پسند اڳواڻ علي حيدر پنهور ، ڪامريڊ اوڀايو پنھور ، غفور چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته انهي نٽهڻ اس ۾ سيڊا، ايريگيشن عملدار ۽ سياسي ڀوتار  اي سي رومن ۾ آرام ڪري رهيا آھن، پر اسان مظلوم قوم بنجي روڊن تي پاڻي لاءِ ڌرڻو هڻي رهيا آھيون هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي چونڊيل نمائندن ايوان ۾ پهچڻ باوجود به عوام جي بنيادي سهولتن لاءِ هڪ لفظ به نه ڳالهايو آھي ، هنن ٻڌايو ته اڪرم واهه جي ٽنهي سب ڊويزن جو پاڻي ايريگيشن عملدار رشوت عيوض وڪرو ڪري رهيا آھن جنهن سبب  ٽنهي سب ڊويزن جي ٽيلن ۾ مسلسل 8 مهينن کان زرعي زمين لاء پري جي ڳالھه پر پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آھي  هنن چتاء ڏنو ته اگر اڪرم واهه جي ٽنهي سب ڊويزن ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ ختم نه ڪئي ويئي ته سيڊا آفيس حيدرآباد اڳيان  ڌرڻو هڻندا سين.