اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي. ملڪي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي وڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صدر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ملڪي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ۽ ان حوالي سان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته سياسي پارٽين کي جمهوري ۽ آئيني ذميواري پوري ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي کي اوليت ڏيڻي پوندي، ذاتي اختلافن کي پاسي تي رکي رڳو پاڪستان جي سوچ هوندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اتحاد ۽ يڪجهتي جي طاقت سان هر چئلينج کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن مولانا فضل الرحمان جي عيادت ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته مولانا فضل الرحمان سان سندس 25 سالن کان پراڻا لاڳاپا آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف به فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي.