نفيس نگر (ن پ ا) 4 ڏينهن اڳ نفيس ننگر ڀرسان ڳوٺ سومرو ٽنگڙي ۾ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان مدد علي ٽنگڙي جو ڪيس سندس والد علي حسن ٽنگڙي جي فرياد تي ٽن جوابدارن ڌڻي بخش ٽنگڙي، امجد ٽنگڙي ۽ حاجي ٽنگڙي خلاف نئون ڪوٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جوابدارحاجي ٽنگڙي ۽ امجد ٽنگڙي  کي اڳ ئي گرفتار ڪري ورتو هو، واضح رهي ته چار ڏينهن اڳ جوابدارن پراڻي تڪرار تان نوجوان مدد علي ٽنگڙي کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هو جيڪو بعد ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو هو.