نصيرآباد (ن پ ا) نصير آباد ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شھري اتحاد جي صدر معشوق علي ڦلپوٽي، عاشق علي ڪلھوڙي ۽ عنايت تنئي جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  نصيرآباد شهر توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ 18 – 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري  رهواسين سان ظلم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ايس ڊي او نصيرآباد ۽ گرڊ انچارج جي ملي ڀگت سان لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، شهرين تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس به اڃا تائين ختم نه ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته شھر جا 12 ٽرانسفارمر بند ڪيا ويا آھن، هنن اپيل ڪئي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، گرڊ انچارج کي ھٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.