نصير آباد فوڊ کاتي جي عملدارن ڪڻڪ سان ڀريل 2 ٽرڪون پڪڙي ورتيون

0
255

نصيرآباد (ن پ ا) نصير آباد فوڊ کاتي جي عملدارن ڪڻڪ سان ڀريل 2 ٽرڪون پڪڙي ورتيون، فلور مل جي پرمنٽ ڏيکارڻ بعد ٽرڪن کي ڇڏيو ويو. نصير آباد فوڊ کاتي جي عملدارن قمبر-شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعي جي سرحد وٽ ميهڙ روڊ تي وارهه کان ايندڙ ڪڻڪ سان ڀريل 2 ڪڻڪ جون ٽرڪون روڪيون. فوڊ کاتي جي عملدارن ڪڻڪ جي هڪ ضلعي کان ٻي ضلعي ڏانهن کڻڻ تي پابندي هئڻ باوجود ٽرڪن جي ڊرائيورن کان مبينا طور رشوت وٺي کين ڇڏي ڏنو. نصير آباد جي فوڊ انسپيڪٽر ظهير مگسي چيو ته ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪون فلور مل مالڪن جون هيون، جن وٽ سرڪاري لائيسنس به موجود هو. هن وڌيڪ چيو ته اسان لائيسنس چيڪ ڪرڻ بعد ٽرڪن کي اڳتي وڃڻ جي اجازت ڏني، ڪڻڪ غيرقانوني طور اسمگل نه ٿي رهي هئي.