نصيرآباد (ن پ ا)  نصيرآباد باڊھ روڊ لڳ چنجڻي شاخ جي رهواسي عبدالرزاق بروھي جي گھران 23 هزار روڪ، 2 موبائل کڻي ويا. متاثر فرياد کڻي ٿاڻي تي پهتو. ٻئي طرف نوناري محلي مان چور فقير ممتاز سومرو جي دڪان جا چور تالا ڪٽي 40 ھزار روڪ ۽ سامان کڻي فرار ٿي رھيا ھئا ته کين محلي واسين پڪڙي ورتو، جن جِي سڃاڻپ اسد پٽ ديدار بليدي ۽ نياز پٽ محمد حسن ڦلپوٽو طور ٿي، جن کي پوليس حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب چور ڪار ۾ سامان منتقل ڪري رھيا ھئا، اھا ڪار نانو بليدي جي آھي، جيڪو وارداتن ۾ ملوث آهي.