نصيرآباد ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ بدامني خلاف عورتون روڊن تي نڪري آيون

0
26
نصيرآباد ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ بدامني خلاف عورتون روڊن تي نڪري آيون
نصيرآباد ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ بدامني خلاف عورتون روڊن تي نڪري آيون

نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۾ بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ شھر اندر وڌندڙ بدامني خلاف عوامي ورڪرز پارٽي نصيرآباد پاران نوناري پاڙي کان آرٿر واھ جي پل تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن  ۾ ناري جمهوري محاذ جي سوين عورتن پڻ شرڪت ڪئي

احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ، سينگار نوناري، شھري اتحاد جي عنايت تونئي، يونائيٽڊ پارٽي جي فقير علي گل ڪانڌڙي، قومي عوامي تحريڪ جي علي گوهر جتوئي، نوجوان اتحاد جي صدر ساگر چانڊئي ۽ ناري جمهوري محاذ جي عابده نوناري سنڌ ترقي پسند پارٽي جي خدابخش سانگهرو ۽ ٻين خطاب ڪيو

اڳواڻن چيو ته نصيرآباد جي شھرين کي ناجائز لوڊشيڊنگ ڪري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو، هنن چيو ته امن امان بحال ڪيو وڃي، شهرين کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو