نصرت سحر عباسي مري واقعي تي سوال اٿاري ڇڏيا، ڪارروائي جو مطالبو

0
335
نصرت سحر عباسي مري

سکر(ن پ ا)  ف ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي مري واقعي تي سوال اٿاري ڇڏيا، هن چيو آهي ته مري واقعي کانپوءِ اسان انتظار ۾ هئاسين ته ڪڏهن وزيراعظم ڪارروائي ڪري ٿو

هن چيو ته اسان سوچي رهيا هئاسين ته وزيراعظم عمران خان غفلت ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائيندو، هاڻي به انتظار آهي ته شايد ڪارروائي ٿيندي

هن چيو آهي ته جڏهن موسميات کاتي پاران الرٽ جاري ڪيو ويو ته پوءِ ماڻهن کي ڇو نه روڪيو ويو

نصرت سحر عباسي چيو ته واقعي کان اڳ فواد چوڌري جو ٽوئيٽ سامهون آيو، لکين گاڏيون داخل تباهه ٿي ويون، اڳواٽ حفاظتي اپاءُ ڇو نه ورتا ويا

هن چيو ته ادارا ڇا ڪري رهيا آهن، ڪم ڇو نٿا ڪن، حڪومت سياحت جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، مستقبل ۾ مري وڃڻ کان ماڻهو خوف کائيندا، پوري پاڪستان جا ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن