ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، پوليس گرفتار ڪيل جوابدار اصغر لنڊ کي عدالت آڏو پيش ڪيو، جاچ آفيسر ذوالفقار مهر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آھي، وڌيڪ رمانڊ ڏنو وڃي، ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل پوليس ريماند جي مخالفت ڪندي جوابدار کي جيل موڪلڻ جي استدعا ڪئي، عدالت جوابدار جي وڪيل جي اپيل رد ڪندي جوابدار کي پنجن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، عدالت پوليس کي گهربل ٻن جوابدارن گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏيندي ٻڌڻي 20 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.