ميرپور ماٿيلو (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۽ ملوث جوابدر گرفتار نه ٿيڻ خلاف گھنٽا گھر چوڪ کان ڀٽائي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي صنعان قريشي چيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي کي بيگناهه حملو ڪري شهيد ڪيو ويو، 22ڏينھن گذري ويا آھن پر ھن وقت تائين رڳو ھڪ جوابدار گرفتار ڪيو ويو آھي، هن چيو ته اسان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري طور جوابدار گرفتا ڪيا وڃن، جسقم چيئرمين صنعان قريشي پاران شھيد نصرالله گڏاڻي جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي فقير رمضان ڪلوڙ، امجد مھيسر، اشرف ڪلھوڙو، اطھر سومرو، اصغر ڪورائي ۽ ٻيا گڏ ھئا.