نثر ۾ بياني اسلوب جي اهميت

0
137
نثر ۾ بياني اسلوب جي اهميت

 نثر ۾ سهڻي بياني اسلوب جي وڏي حيثيت ۽ اهميت آهي. اهو تحرير جو اسلوب ئي آهي، جو ڪنهن ليکڪ کي ٻئي کان ممتاز ۽ منفرد حيثيت عطا ڪري ٿو. اسلوب ڇا آهي؟ انهيءَ لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته مصنف جو طرز تحرير/عبات آرائي يا ٻين لفظن ۾ بياني ڍنگ اسلوب بيان (Style) آهي. اسلوب ليکڪ جي ذات جو چٽو آئينو/شخصي عڪس آهي. انهيءَ کي وڌيڪ هن ريت سمجھي سگهجي ٿو ته، مثال طور جيڪڏهن هڪ ئي موضوع تي مضمون لکڻ لاءِ ٻن الڳ علمي ۽ ادبي شخصيتن کي ڏنو وڃي ته هر هڪ جو بيان جو طريقو الڳ هوندو ۽ انهيءَ جو سبب ان فرد جي علمي، ادبي سگھ ۽ اهي شعوري ۽ لاشعوري قوتون آهن، جن تحت هو لکي ٿو. معنىٰ ته هر ليکڪ جو مطالعو، مشاهدو ۽ فڪري قوت سندس لکڻيءَ مان واضح ٿئي ٿي. جيڪا جدا جدا هوندي آهي. اسلوبِ بيان کي ٻن جزن خارجي ۽ داخلي ۾ ورهايو ويو آهي.

                 اسلوب جو خارجي مظاهر، ٻوليءَ ۾ گرامر جي پابندي، ترتيب ۽ آرائش ۽ ٻيون خوبيون آهي، پر داخلي ڪيفيتون بلڪل فطري آهن، جن ۾ مصنف جي ذهني سطح، ڪردار، قلبي قوتون، مزاج، تعليم ۽ طبعي رجحان شامل آهن. انهيءَ فطري ڏات ۾ اظهار جو ايترو ته مخصوص ۽ ذاتي جذبو شامل هوندو آهي، جنهن سان اسين ڪنهن لکندڙ کي ڄاڻون ٿا ۽ تحرير مان ئي سندس سڃاڻپ ڪري وڃون ٿا. هاڻي اسلوب جي خارجي ڪيفيت وڌيڪ آهي يا داخلي ڪيفيت جو پُڙ ڳرو آهي؟ انهيءَ لاءِ اچو ته ماهرن جي راءِ ڏسون.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ موجب ته، “اسلوب لکندڙ جي دل ۾ نه هوندو آهي، بلڪه لکندڙ جي دل هوندو آهي”. جڏهن ته نورالهديٰ شاھ اڃا به اڳتي وڌي اسلوب جي فطري جاذبيت کي مڃتا ڏيندي لکي ٿي ته، “ليکڪ جي دل ان جي لفظ لکندڙ آڱرين ۾ به ڌڙڪندي آهي ۽ انهن لفظن کي ڏسندڙ اکين ۾ به“.

ڏٺو وڃي ته ليکڪ جي لکڻي سندس خيال ۽ فڪر جي نمائندگي ڪري ٿي، جنهن جو تعلق سڌو سنئون ادبي فن سان آهي ۽ ادبي فن جو معنويت ۽ مقصديت سان گھرو لاڳاپو آهي. انهيءَ لحاظ کان اسلوب جيترو داخلي ڪيفيت جو محتاج آهي، ايترو ئي خارجي مظاهر جي اصولن جو پابند به آهي. باقي اها به حقيقت آهي ته موضوع ۽ مطلب مطابق اسلوب جي گھرج پيدا ٿئي ٿي. اسلوب جي باري ۾ هڪ خيال اهو به آهي ته اسلوب جو معنويت سان پاڻ مرادو لاڳاپو آهي. ڪنهن به خاص خيال يا فڪر سان ان جي فني گھرج جو اسلوب ۽ اسٽائيل پاڻهي اچي وڃي ٿو. ڪنهن به ليکڪ جي لکيل ناٽڪن، ناولن، افسانن، سفرنامن، خطن، مضمونن، مقالن، ڪالمن ۽ ٻئي نثر جي ڪم جي پرک ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته هن مختلف صنفن جي فني گھرج مطابق لکيو آهي، پر ته به سندس لکڻيءَ جي انفرادي ۽ خاص طرزِ ادا وري به قائم رهندي، جنهن کي اسلوب سڏبو آهي. اسلوب جي باري ۾ اها چٽائي بلڪل ٿي چڪي آهي ته اها لکندڙ جي بلڪل انفرادي (Individual) خاصيت آهي. پنهنجي فڪر ۽ خيالن جي پيش ڪرڻ جي ڍنگ (Technique of expression) ۾ انفرادي خاصيتون ڪنهن به شخص کي ٻئي شخص کان الڳ حيثيت ڏين ٿيون. (Uniqueness of the style) يعني اهڙيون خاصيتون، جيڪي ٻئي شخص ۾ نه هجن يا خاص طرزِ تحرير. انهيءَ “خاص طرزِ تحرير” ۾ ليکڪ جي ذهني ائپروچ، جذبا، ڄاڻ، تجربا، مشاهدا، بلڪه باطن لفظن جي صورت ۾ سندس ذات جو مطالعو ٿي ظاهر ٿين ٿا. نثر ۾ هر موضوع پنهنجي مواد جي لحاظ کان جدا هوندو آهي. اهوئي سبب آهي، جو نثر جي مختلف صنفن جا اسلوب جدا جدا رنگ رکن ٿا. ناٽڪ، ناول، ڪهاڻي، مضمون نويسي، آتم ڪهاڻي، سفرنامو، مطلب ته هر صنف جي اسلوب جون گھرجون الڳ آهن. سنڌي نثر جي اسلوبن جي جائزي مان اها به خبر پوي ٿي ته هر دور ۾ نثر جا مختلف اسلوب رهيا آهن. شروع دور ۾ دقيق نثر لکڻ کي موثر سمجھيو ويو، پر ترت ئي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ڪوششن سان سليس نثر جڳھ والاري. سادي ۽ سلاست ڀري عبارت کي عام ڪرڻ ۾ مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڪمال آهي. هن پنهنجي عبارت ۾ سليس نثر کي سڀ کان وڌيڪ جڳھ ڏني. اهڙيءَ ريت سنڌي نثر جي اسلوب جي ترقي ۽ توسيع عمل ۾ آئي. سنڌي نثر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا اسلوب ظاهر ٿيا آهن. ڪيترن ئي نثرنگارن پنهنجي غيرمعمولي صلاحيتن ۽ قوتن سان ادبي اسلوبن کي روان، هموار ۽ شائسته بنايو آهي. ڏٺو وڃي ته اعلى نثر نويسن جي لکڻي ۾ وڏو ڪمال سندن عبارت جي دلڪش ۽ منفرد اسلوب جو آهي، جنهن سبب کين علمي توڙي ادبي حلقي سان گڏ عام مان پڻ پذيرائي ملي ٿي. اهڙا نثر نويس بيشڪ نثر جي مختلف صنفن ۾ ڪم ڪن ته به سندن بياني انداز بلڪل بهترين ۽ اثرائتو هوندو آهي. اعلى ۽ پختي نثري اسلوب جي تخليق ۾ ذوق، هڪمنائي، غيرمعمولي فطري جاذبيت، ٺاھ ٺوھ کان پاڪ، سلاست ۽ صفائي ۽ ٻيون ادبي لياقتون هونديون آهن.

هيٺ مثال طور سنڌي نثر جي چند اهم ليکڪن جي باري ۾ پنهنجي راءِ  ڄاڻايان ٿي:

  1. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو نثري اسلوب نهايت سادو ۽ نج سنڌي لفظن جي سونهن سان سجيل آهي. انهيءَ ڪري ئي کين “سنڌي نثر جو ابو” سڏيو وڃي ٿو.
  2. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو نثر عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ميلاپ سان قديم ۽ جديد سنڌي نثر جو امتزاج ۽ عالماڻو نثر آهي.
  3. شمس الدين بلبل ظريفاڻي ۽ طنز و مزاح واري نثر کي هٿي ڏني.
  4. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي عبارت آرائيءَ جو اندازو سادو جذباتي ۽ بياني نثر آهي.
  5. امر جليل جو بياني اسلوب دل کي وڻندڙ، ڇرڪائيندڙ ۽ تاثر ۾ مضبوط آهي، عورتن ۾ پوپٽي هيراننداڻيءَ جي نثر ۾ اصلاحي جزن جو ڪتب ڪمال جو آهي. بادام ناتوان جو نثر اصلاحي ۽ ناصحاڻو آهي، جو ڪڏهن فصيح ۽ سليس ته ڪڏهن اڻ وڻندڙ ۽ منجهيل آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جملن ۾ لفظن جي سٽاءُ تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ فصيح ۽ سليس نثر کي وڌايو آهي. نور الهديٰ شاهه ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪامياب نثر نويسڪا آهي، سندس بياني اسلوب معنيٰ دار لفظن ۽ جاندار جملن جي سهڻيءَ سٽاءُ سان سينگاريل آهي. ثميره زرين ڪڏهن عام فهم سنڌي نثر ته ڪڏهن غير ضروري اردو ۽ فارسي ٻوليءَ جو استعمال پنهنجي تحرير ۾ آندو آهي، ته به سندس بياني اسلوب ڪٿي ڪٿي وڻندڙ آهي. ماهتاب محبوب وٽ فطري ٻوليءَ جو سهڻو استعمال آهي. سندس بياني اسلوب معنويت وارو ۽ بامقصد ۽ موضوع سان لاڳاپيل آهي.

حاصل مطلب ته نثر نگارن وٽ اسلوبن ۾ الڳ الڳ انداز موجود آهن، ڪن جو بياني اسلوب عام رواجي آهي ته ڪجهه ليکڪن اسلوب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي فطري حسناڪيءَ کي وڌايو ۽ ويجهايو آهي، نوان نوان سهڻا لفظ، ساديون ترڪيبون ۽ معنيٰ دار اصطلاح ڪم آڻي پنهنجي لکڻيءَ کي انفراديت عطا ڪئي آهي. ان ڪري ئي نثر جي الڳ الڳ صنفن ۾ لکندي به سندن لکڻيءَ جو هڪ خاص انداز قائم رهيو آهي. ادبي نثر وڏي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ لکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ خيالن جي وسعت سان گڏ لکندڙ جي مطالعي  جي گهرائي سندس وڏو هٿيار آهي.