نبي سرروڊ (ن پ ا) جسقم آريسر پاران نبي سرروڊ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري، ريلي ڪڍي، ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن ذيشان چانڊيو، صورت علي، مشتاق علي، در محمد چانڊيو، رزاق رند ۽ ٻين پاران جيئي سنڌ قومي محاذ جا جهندا ۽ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته راڻيپور ۾ معصوم فاطمه ڦرڙو جو واقعو سکر ۾ شهيد جان محمد مهر جو قتل ۽ اجمل ساوند سميت ڪيترن سنڌي ماڻهن کي بي گناهه قتل ڪيو ويو جنهن جا قاتل ۽ سهولتڪار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته اسان سنڌي ماڻهن کي هر روز لاشن جا تحفا ڏنا ٿا وڃن ۽ انهن جو ڪوبه تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي. راڻيپور ۾ بي دردي سان معصوم فاطمه ڦرڙو کي زنا ڪري قتل ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ افسوسناڪ واقعو آهي اهڙن رهزنن کي سريعام ڦاسي تي لٽڪايو وڃي. هوڏانهن سکر جي بهادر ۽ سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جو آزادي جي ڏهاڙي تي لاش مليو جنهن کي سريعام گوليون هڻي قتل ڪندڙ جوابدارن ۽ سهولتڪارن کي جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائي سڄي سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي هنن چيو ته اجمل ساوند جا قاتل اڄان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ۽ سنڌي ماڻهن جا بي گناهه خون ڪندڙ آزاد گهمي رهيا آهن هنن چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته هو ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪن پر هتي رياست شهيدن جي خون سان انصاف ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي پئي. ۽ اسان مطالبو ٿا ڪيون ته بي گناهه قتل ٿي ويل سنڌي ماڻهن جي قاتلن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سڄي سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.