ناڪام سازش جي سانت ۽ سوالن جا سلسلا

0
37
ناڪام سازش جي سانت ۽ سوالن جا سلسلا

 پاڪستان ھڪ مضبوط ملڪ آھي، پر ان جو سياسي سسٽم سدائين کان ڪمزور ھو. ھاڻي اھو ايترو جھري پيو آھي، جو ان جي مرمت به ممڪن نه رھي آھي. اھوئي سبب آھي ته جيڪا به ڪوشش ڪجي ٿي، اھا اٿندي ئي ناڪاميءَ جي ور چڙھي وڃي ٿي. اسان کي اسٽيبلشمينٽ پاران اٽڪل تي ھلندڙ نظام جي ناڪاميءَ جا ثبوت سدائين ملندا رھيا آھن پر ھلندڙ وقت دوران ته ھر ڏينھن نوان نوان تماشا زخمن مٿان نمڪ پاشيءَ جو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. جڏھن به قانون کي قيدي بڻائي، ملڪ مٿان پنھنجي مرضي مسلط ڪئي ويندي ته اھو ئي ڪجھ ٿيندو، جيڪو ڪجھ ھن مھل ھتي ٿي رھيو آھي.

                 اصل ڳالھ نه ته تحريڪ انصاف جي مٿان مڙھيل اڻ اعلانيل پابنديءَ ۽ نه ڪاٺ پيل ڪپتان جي آھي. اھم ڳالھ مولانا فضل الرحمان جي سياست ۾ ايندڙ ڦيري جي به ناھي. ڪمشنر جي ڪرسيءَ تي ويٺل ھڪ ڪاموري جي پريس ڪانفرنس سبب جڏھن ملڪ جو اختياراتي ۽ انتظامي نظام ششدر ٿي وڃي، تڏھن سمجھڻ گھرجي ته اسان ان رياست جي روح کي ڪيتري اذيت رسائي آھي، جيڪو ھن وقت وڌيڪ تجربن جو بار برداشت ڪري نه ٿو سگھي. جيڪڏھن ملڪ ۾ ڪو به ماڻھو قانون کان بالاتر نه سمجھيو وڃي ھا ته ڇا منظم ۽ مذموم چونڊن جا اھڙا نتيجا نڪرن ھا، جو ھن وقت ڪو به ڪوڪن واري ڪرسيءَ تي ويھي اقتدار جو ڪنڊن وارو تاج پائڻ لاءِ تيار نظر نه ٿو اچي. ابتدا ۾ مئنڊيٽ نه ھجڻ جي باوجود مسلم ليگ (ن) حڪومت ٺاھڻ جي ھام ھنئي. جڏھن زرداريءَ رياست جي وڏن عھدن سميت پنجاب جي اقتدار جو خاصو مطالبو ڪرڻ سان گڏ وفاقي حڪومت جو بار کڻڻ کان نابري واري، تڏھن مسلم ليگ (ن) جي مٿين صف ۾ پريشاني پيدا ٿيڻ فطري ھئي. ڇو ته مسلم ليگ (ن) تمام گھڻيون غلطيون ڪرڻ ۽ پنھنجي ھٿان پاڻ کي خوار ڪرڻ کان پوءِ به ايترو سوچي ۽ سمجھي سگھي ٿي ته جيڪڏھن ھُن ھِن ڀيري اقتدار جو سودو “جيئن آھي، جتي آھي” جي بنياد تي ڪيو ته پوءِ اھو ‘ن’ ليگ جو آخري داءُ ھوندو. ان کان پوءِ پاڪستان ته ڇا نواز ليگ پنجاب ۾ ئي دفن ٿي ويندي.

مسلم ليگ نواز جي باغي اڳواڻ ۽ ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم شاھد خاقان عباسيءَ ۾ به ايتري سياسي سمجھ ۽ اقتداري عقل ھو جو ھن گذريل چونڊن جي گپ ۾ گھڙڻ کان بنھ نابري واري ھئي. اھو جيڪو خواجه آصف ۽ سعد رفيق جھڙي سينيئر سياستدانن کي نظر نه ٿي آيو، اھو مفتاح اسماعيل جھڙو عام قسم جو معاشي ماھر به سمجھي ويو ھو ته ان طرح سان نه ته سسٽم ھلندو ۽ نه ملڪ پنھنجي پيرن تي بيھي سگھندو پر ڪرپشن سان ڪٺي ڪيل دولت کي محفوظ ڪرڻ ۽ آخر تائين ملڪ جي مٿان حڪمران ٿي ويھڻ جو مزو ماڻڻ جو حرص ڪندڙ ٽولو ھن مھل اھڙي حالت ۾آھي، جو ھن جا پراڻا اتحادي به ھن کي اڪيلو ڪري ويا آھن ۽ پيپلز پارٽي جھڙي پنجاب ۾ پنھنجو تعارف ڪرائيندڙ پارٽي به ھن مٿان افسوس جو اظھار ڪري رھي آھي.

ميان نواز شريف کي ڀلي ان تي ناز ھجي ته ھو اسٽيبلشمينٽ کي بند گھٽيءَ ۾ بيھاري ۽ سندس مجبوريءَ کي شدت سان محسوس ڪرائي پنھنجن شرطن تي اقتدار حاصل ڪري سگھي ٿو پر ھر سمجھوتي جي ھڪ حد ھوندي آھي. اسٽيبلشمينٽ جي مزاج کان آگاھي ۽ ان سان انڊراسٽينڊگ جو تجربو ھڪ الڳ خوبي ھوندي به ان ڳالھ جي تقاضا ڪري ٿي ته پنھنجي مخالف کي ڪڏھن به انڊر ايسٽيميٽ (Underestimate) نه ڪرڻ گھرجي. نواز شريف ۽ ھن جي ويجھي حلقي کي پنھنجي وڃايل حيثيت ٻيھر حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪو حد کان وڌيڪ اعتماد ھو، اھو اڄ پنھنجي ناڪاميءَ تي ڌڪ کاڌل ٻار وانگر ٻاڪاري رھيو آھي. جھڙي طرح ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ نواز شريف کي پنھنجي جوڙ جو پھلوان نه سمجھيو ھو ۽ پ پ جو خيال ھو ته ھو مرڪزي پنجاب جي ڪجھ شھرن ۾ پيدا ٿيل ضياءُ الحق جو اھڙو شوشو آھي، جيڪو شب برات جي ڦلجھڙيءَ وانگر ڪجھ پل شم شم ڪري وسامي ويندو، تھڙي طرح تحريڪ انصاف جي سلسلي ساڳي غلطي مسلم ليگ جي قائد نواز شريف ڪئي. پنجاب جي برادري نظام ۾ گھريون جڙون رکڻ سبب ميان نواز شريف پاڻ کي پنجاب جو اھو سياسي چوڌري سمجھڻ لڳو ھو، جنھن جي نظر ۾ عمران خان ۽ ھن جا ھم خيال غير سنجيده ۽ نامعقول قسم جا مُنڊا ھئا. پر ھن ڀيري جڏھن اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل مدد ۽ انتظامي سسٽم جي پوري تعبيداريءَ جي باوجود به ميان نواز شريف ڌانڌلي ڪرڻ ۽ ووٽن مٿان ڌاڙا ھڻڻ جي باوجود به ايترين سيٽن تي سوڀ حاصل نه ڪري سگھيو آھي جو ايم ڪيو ايم ۽ ڪجھ آزاد ميمبرن تي مشتمل جھڙي تھڙي حڪومت جوڙي پيپلز پارٽيءَ کي پنھنجن شرطن تي آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، تڏھن نه صرف نواز شريف جو غرور ۽ تڪبر مٽيءَ ۾ ملي ويو پر سندس سياسي وارث ۽ پياري ڌيءَ مريم نواز جا خواب به چڪناچور ٿي ويا.

روس جي عظيم عالم ۽ ترقي پسند دانشور پليخانوف جو ننڍڙو پر انتھائي اھم ڪتاب “تاريخ ۾ فرد جو ڪردار” ڀلي جديد دور ۾ ساڳي اھميت سان نه پڙھيو وڃي، تڏھن به اھو بحث ڪنھن به صورت ۾ مدي خارج بڻجي نه ٿو سگھي ته تاريخ ھيرا ٺاھيندا آھن يا ھيرن کي تاريخ ٺاھيندي آھي؟ جڏھن ته ان جدلياتي حقيقت کي مارڪس ازم جا مخالف به تسليم ڪن ٿا ته اصل ھيرا تاريخ جي وھڪري جو رخ سمجھي ھلندا آھن ۽ تاريخ انھن کي تراشيندي ويندي آھي. نواز شريف پنھنجي ناڪاميءَ جو بار پنھنجي ننڍي ڀاءُ جي مٿان وجھي به ان حقيقت کان فرار حاصل ڪري نه ٿو سگھي ته ھو پنھنجو سياسي وارو وڄائي چڪو آھي. جھڙي طرح ھن دور ۾ پنجاب جو معاشرتي ڍانچو تبديل ٿي چڪو آھي، تھڙي طرح پنجاب جو سياسي تصور به ساڳيو نه رھيو آھي. جيڪڏھن سينيما جي اسڪرين تي ساڳيا ھيرا برقرار رھي نه ٿا سگھن ته سياسي اسٽيج به پراڻن مقررن کي گھڻي دير تائين تاڙين جي قابل قرار ڏئي نه ٿي سگھي. وقت جو وھڪرو ڪڏھن به رڪجي نه ٿو سگھي. پنجاب ته پنجن درياھن جي ڌرتي آھي. ان جا سياسي سلسلا ڪڏھن به سازشي بندن سبب سدائين لاءِ قابو ڪري نه ٿا سگھجن.

سائنس تمام گھڻي سگھاري آھي پر اھا ڪڏھن به فطرت کي مات ڪري نه ٿي سگھي. سائنس جي سوڀ صرف ان صورت ۾ ممڪن ٿي سگھندي آھي، جيڪڏھن ھوءَ فطرت جي قانونن سان ھم آھنگ ٿيندڙ قانونن سان پوروڇوٽ پيچرا جوڙي. سياست به سائنس آھي. ڪاش! سياست جي سازش سان ھلائڻ وارا اھو سمجھي سگھن ھا ته خلق کي وقتي طور تي خاموش ڪرائي سگھجي ٿو پر ھڪ وقت اھڙو به ايندو آھي، جڏھن خاموشي خوف جو گھيرو ٽوڙي پنھنجو خوفناڪ اظھار ڪندي آھي. ان حوالي سان اھم ڳالھ ان قيديءَ جي ناھي، جنھن جي “804” نمبر جا نغما وائرل بڻجي وڄي رھيا آھن پر اھم ڳالھ ماڻھن جي اڪثريت ۽ انھن جي چاھت جي آھي. ڪالھ تائين جنھن شخص جو نالو لکڻ تي اڻ اعلانيل بندش ھئي، اڄ اھو شخص پنھنجي مٿان پيل پابنديون ھٽنديون ڏسي رھيو آھي. ھاڻي ھن جو نالو ته ڇا پر چينلن تي ھن جي تصوير به نظر اچڻ لڳي آھي ۽ اردو ميڊيا جا وڏ- واتا اينڪر ھن جي حوالي سان پنھنجي پاليسيءَ ۾ اھڙي تبديلي پيدا ڪري رھيا آھن، جھڙي موسم مٽجڻ دوران ماحول ۾ محسوس ٿيڻ لڳندي آھي.

پاڪستان جي سياست ۾ ڪڏھن سنڌ مھڙ وارو ڪردار ادا ڪندڙ سرزمين ھئي ۽ اڄ اھا حيثيت ان پنجاب کي حاصل آھي، جنھن جي ڌرتي پراڻي ۽ نئين سياست جي مقابلي جو ميدان بڻجي وئي آھي. پنجاب پنھنجي مٿان لڳل سياسي پابنديون قبول ڪرڻ کان مڪمل طرح انڪاري آھي. ھن جو اھو اظھار گذريل چونڊن ۾ چٽي طرح منظرعام تي اچڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو پر ان آواز کي جوڙ توڙ جي نتيجن ھيٺان دٻائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي، اھا به ڪامياب ٿي نه سگھي. ھن وقت مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي ساڳي ٻيڙيءَ ۾ سوار آھن ۽ ھو نئين چونڊن جي نالي کان ڇرڪي رھيون آھن، جڏھن ته ھلندڙ مھيني جي 8 تاريخ تي ٿيل چونڊن جا نتيجا نه صرف اخلاقي پر قانوني حيثيت به وڃائيندا نظر اچي رھيا آھن.

”ڇا ملڪ ۾ نيون چونڊون ٿينديون؟” اھو سوال نه صرف ميڊيا پر سياسي حلقن ۾ به زور شور سان گونجڻ لڳو آھي. ڇا نئين سر چونڊ صرف تڪراري حلقن تائين محدود ھوندي؟ ڇا جھڙن تھڙن نتيجن سان وجود ۾ ايندڙ جھڙي تھڙي حڪومت ڪجھ وقت ھلائي ويندي؟ ڇا سياسي پارٽيون نئين تجربي جي اڏيءَ تي اچڻ کان انڪار ڪنديون؟ ڇا ملڪ موجوده صورتحال سبب ڪجھ وقت نگران سيٽ اپ جي حوالي ٿيندو؟ ڇا ايمرجنسي لڳندي؟ ڇا ھن دور ۾ به مارشلا ممڪن ٿي سگھندي؟ اھي سوال ۽ اھڙا ڪيترائي ممنوعه ۽ غيرممنوعه سوال سوشل توڙي مستقل ميڊيا تي سس پس کان وڌي وڏي آواز سان جوابن جي تقاضا ڪري رھيا آھن پر ملڪ جي مقتدر حلقن ۾ جيڪا ماٺ آھي، ان ۾ موجود جواب تائين ھن مھل ڪنھن به سيٺيءَ جي چڙيا ۽ ڪنھن به منصور جو ڪبوتر پڄي نه سگھيو آھي.

تاريخ گواھ آھي ته جڏھن به سازش ناڪام ٿيندي آھي، تڏھن فوري طور تي اھڙي سانت جنم وٺندي آھي، جنھن ۾ ڪيترن ئي سوالن جا جيت مينھن پڄاڻان پيدا ٿيل کنڀڙاٽين وانگر ڪڏھن رڙھندا ته ڪڏھن اڏامڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ھن مھل به سوالن جو انيڪ سلسلو ان قطار وانگر وڌندو پيو وڃي، جنھن ۾ ڪنھن کي به پنھنجي واري اچڻ جي پڪ نه ھوندي آھي. جمھوريت جو جيڪو حشر ھن ملڪ ۾ ڪيو ويو آھي، اھڙو ته دنيا جي ڪنھن ملڪ ۾ مشڪل ٿيو ھجي. جيڪڏھن ھن ملڪ جي سرزمين جمھوريت جي ٻج لاءِ موزون ناھي ته پوءِ ڪنھن ٻي فصل جو فيصلو ٿيڻ گھرجي. جيڪڏھن اسان جي رياست ۽ ان جا ٿوڻيون ٿنڀا جمھوريت مان جند آجي ڪري نه ٿا سگھن ته پوءِ جمھوريت جي نالي ۾ نقلي نظام ھلائڻ وارو غيرقانوني ھٽ بند ٿيڻ گھرجي.

اسان جو ملڪ وڏي وقت کان وٺي من پسند نتيجن لاءِ بار بار ساڳين سازشي تجربن جي ور چاڙھيو ويو آھي. ھن وقت عوام سميت ملڪ جي ھر اداري مان پيڙا جو پڙلاءُ اچي رھيو آھي. ڪاش! ڪو اھڙو پل به اچي، جڏھن پراڻن الزامن ۽ نون اعلانن بدران حق ۽ سچ جي حقيقي ۽ سادي واٽ ورتي وڃي.