سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) نالو وڏو ديھه ويران، اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ اسپتال ۾ سھولتن جي اڻاٺ، ايم آءِ آر، سي ٽي اسڪين ميشينون هڪ سال کان بند پيل، دوائن جي به کوٽ، مختلف ضلعن کان ايندڙ مريض شديد مشڪلاتن جو شڪار، پرائيويٽ اسپتالن مان علاج ڪرائڻ تي مجبور، صحت کاتو توڙي چونڊيل نمائندا خاموش، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر  ۾ قائم غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ اسپتال، سکر ۽ آس پاس وارن ضلعن جي عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آھي، ڪروڙين روپين جي لاڳت سان خريد ڪيل ايم آءِ آر، سي ٽي اسڪين مشينون هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان خراب پيل آھن، نتيجي ۾ مختلف علائقن کان ايندڙ مريض رلي ويا آھن، مختلف حادثن، واقعن ۾ ذھني، دماغي توڙي جسم جي ٻين حصن تي زخم رسڻ، يا بيمارين سبب ڊاڪٽرن جي ھدايتن تي ايڪسري، سي ٽي اسڪسين توڙي  ايم آر آءِ ۽ بنيادي صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ مريض توڙي انھن جا وارث چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھن، مختلف علائقن جي رهواسين ٻڌايو ته مفت سرڪاري علاج واري سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪرايا ڀاڙا ڪري هِتي پهچون ٿا، ڊاڪٽر چڪاسڻ کانپوءِ ايم آر آءِ ۽ سي ٽي اسڪين لکي ڏين ٿا، جيڪا مشينري وڏي عرصي کان خراب پيل آهي، روز ڪمائي روز کائيندڙ آھيون، 12 کان 15 ھزار رپيا ڀري پرائيويٽ اسپتالن مان ٽيسٽون ڪرائڻ جي سگھه ناھي، هنن ٻڌايو ته الٽرا سائونڊ مشين جيڪڏھن درست آھي ته پنھنجي مرضيءَ سان ٽوڪن ڪاٽيا ويندا آهن، ڊاڪٽر 10 وڳي کان پوءِ پيا اچن، تيستائين عورتون توڙي مرد سخت پريشانين کي منھن ڏين ٿا، ھنن چيو ته ھلڻ کان لاچار مريض کڻي پھچون ٿا، جيڪي تڪليفن سبب دانھون ڪن ٿا پر ڪنھن کي به رحم نٿو اچي، ايم ايس کي به شڪايتون ڪيون آھن پر ڪو تدارڪ ناھي ٿيو، نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.

اسپتال جو ڊائريڪٽر فنانس مقرر نه ٿي سگهيو، دوائن جي کوٽ، خريداري بند

سکر: سول اسپتال سکر جو ڊائريڪٽر فنانس مقرر نه ٿي سگهيو، دوائن جي خريداريءَ لاءِ رقم جاري نه ٿيڻ سبب شديد کوٽ پيدا ٿي وئي، مليل ڄاڻ موجب ڪجهه مهينن کان سول اسپتال سکر ۾ ڊائريڪٽر فنانس جي پوسٽ خالي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ دوائن جي خريداريءَ لاءِ رقم جاري نه ٿيڻ سبب اسپتال ۾ دوائن جي به کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ڊاڪٽرن پاران مريضن کي لکي ڏنيون ويندڙ دوائون پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تان عوام خريد ڪرڻ تي مجبور آهي، گذريل ڪجهه مهينن کان سرڪاري دوائون نه ملڻ سبب پورهيت، غريب طبقي سان تعلق رکندڙ مريض ۽ سندن خاندان سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن پر صحت کاتو، چونڊيل نمائندا توڙي لاڳاپيل اختياريون اِن اهم معامري تي خاموش تماشائي بڻيل آهن، 6 مهينن کان خالي ڊائريڪٽر فنانس جي پوسٽ تي مقرريءَ لاءِ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل چيئرمين ڪاميٽي) پاران انٽرويوز ورتا ويا هئا، جنهن کانپوءِ سيد خورشيد احمد شاهه جي تمام ويجهو رهندڙ اعجاز پلهه جي مقرر ٿيڻ جون ڳالهيون ٿيون پر هن وقت تائين ڊائريڪٽر فنانس جي مقرري ناهي ٿي سگهي.

 

نگران وڏي وزير 15 ڏينهن اندر مشينري فعال ڪرڻ جو حڪم ڏنو

سکر: نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پاران سول اسپتال سکر جو دورو ڪري 15 ڏينهن اندر مشينري فعال ڪرڻ ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هن ايم ايس کي هٽائي ڇڏيو هو، تازو خورشيد شاهه به هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سول اسپتال سکر جو دورو ڪري لاڳاپيل عملدارن کي مشينري فعال ڪرڻ سان گڏ عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ٿيو، اڳوڻي وفاقي وزير سول اسپتال جي دوري دوران اعتراف ڪندي چيو هو ته ھن شھر ۾ اسپتالون ڏنيون آھن، سکر جيتريون سھولتون ڪٿي به ناھن پر اھم مشينري غير فعال ھجڻ سبب سکر ضلعي توڙي آس پاس وارن ضلعن سان تعلق رکندڙ وڏي تعداد ۾ خاص ڪري پورھيت طبقو رلي ويو آھن، جن وٽ ٻاھران علاج ڪرائڻ جيتري سگھه ناھي.

 

اڳوڻو ڊائريڪٽر فنانس ظهير ڀٽي ٻيهر مقرري لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو

سکر: اڳوڻي ڊائريڪٽر فنانس ظهير ڀٽيءَ بابت پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته هن اسپتال کي تباهه ڪيو آهي. ذريعن موجب ظهير ڀٽي به ڊائريڪٽر طور ٻيهر مقرري جي لاءِ پنهنجا اثر رسوخ استعمال ڪرڻ ۾ مصروف آهي.