ناظم جوکيو قتل ڪيس: جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

0
221
ناظم جوکيو قتل ڪيس: ايم پي اي

ملير(رپورٽر) ملير جي عدالت ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان دوران فريادي جي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر دير وارا حربا استعمال ڪري جوابدارن کي فائدو پهچائڻ چاهي ٿو

وڪيل دعويٰ ڪئي ته پراسيڪيوشن اڃا تائين حتمي چالان کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن تي عدالت فوري طور پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر کي طلب ڪري ورتو

عدالت جي حڪم تي پراسيڪيوٽر پيش ٿي ڪري 6 صفحن تي ٻڌل جاچ رپورٽ پيش ڪئي

عدالت جاچ رپورٽ جي روشني ۾ فيصلو محفوظ ڪندي درخواست تي فيصلو ٻڌائڻ جي تاريخ 13 جنوري مقرر ڪئي ۽ وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

ڪيس ۾ نامز ڄاڻايل جوابدار محمد خان، سليم سالار، دودو خان، محمد سومار ۽ اسحاق جوکيو عبوري ضمانت تي آهن

ھي به پڙھندا

شهيد ناظم جوکيو جي قاتلن سان ڪنهن به قسم جوڪو ٺاهه نه ٿيندو:امڙ/گھرواري