خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ۾ سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن صحافين اديبن پاران شھيد ناظم جوکيو کي گلن لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، مهراڻ پريس ڪلب ۾ ايس يو پي اڳواڻ غلام محمد گاڏهي، نظير ٻٻر ، ليکڪ اديب شير گاڏهي ، جي يو آء اڳواڻ حافظ حاجن لغاري ، عوامي تحريڪ جي تعلقي صدر غلام حيدر ملاح ، پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ اسد نظام چانڊيو ، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سڄڻ چنا، سماجي اڳواڻ اين بي کوسو ۽ ٻين چيو ته شهيد ناظم جوکيو جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، جنهن درندگي جنهن وحشيت سان سردارن قتل ڪيو، ان جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، سنڌ ۾ نوابن سردارن رياست اندر پنهنجون رياستيون قائم ڪري پنهنجون عدالتون لڳائي مظلوم ماڻهن جو قتل عام ڪن ٿا پر رياست انهن جاگيردارن سرادران خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي، هنن چيو ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل جاگيرداري نظام کي لوڏي ڇڏيو آهي، رياست اندر پنهنجون رياستون قائم ڪندڙ جاگيردارن سردارن خلاف ڪاروائي ڪري سنڌ مان عرب شڪارين جا لائسنس رد ڪيا وڃن.