ناري اينٿراپالاجسٽ جو انقلابي گوريلن سان نائيٽ مارچ

0
596
ناري اينٿراپالاجسٽ جو انقلابي گوريلن سان نائيٽ مارچ

     تازو ئي گذريل هفتي جڏهن گوادر جي بلوچ عوام طرفان مهيني کان سندن وسيلن ۽ حقن جي تحفظ لاءِ  جاري سياسي تحرڪ کي ملڪ جي ڪرتا ڌرتا ڌرين ڪجھه واعدن آسرن آڌار ماٺو ڪري پڄاڻي ڀيڙو ڪيوته هڪدم مون کي اسڪول آف لنڊن جي ناري  اينٿراپالاجسٽ پروفيسر الپا شاهه جو انڊيا ۾ نيڪسلائيٽ گوريلن طرفان انڊين مرڪزي حڪمران سرمائيدارپاليسين خلاف انقلابي هٿياربند تحريڪ جي موضوع تي لکيل ڪتاب“”نائيٽ مارچ: انڊيا جي انقلابي گوريلن جي وچ ۾” ياد آيو، جو الپا شاهه هن ڪتاب ۾ هڪ اينٿراپالاجسٽ طور انڊيا ۾ طبقاتي، ذات پات ۽ سرمائيدارڻي پاور جي بنيادن تي بيٺل اڻبرابري، ناانصافي ۽ جبر جي سماجي بيهڪ جي سوال کي اُٿاريو آهي ته ساڳي وقت آديواسين ۽ نيڪسلائيٽس انقلابي گوريلن جي ويڙھاڪ تحريڪ اندر موجود پيچيدگين جي اڻت کي به ويجھڙائي سان آڏو رکيو آهي.

گوادر ۾ اٿيل عوامي تحريڪ ۽ ان جي پڄاڻي تي سوچيندي مون کي الپا شاهه جي ڪميٽيڊ اينٿراپالاجيڪل ڪم وانگر پاڪستان ۾ هلندڙ سماجي سياسي تحريڪن جي وچ ۾ رهي ڪري ڪنهن اينٿراپالاجسٽ طرفان انهن جو گهرائي ۽ سنجيدگي سان تجزيو ۽ رايو پيش ڪرڻ جي صلاحيت جي کوٽ جو شديد اندازو پڻ ٿيو. ان جو هڪ وڏو ۽ بنيادي ڪارڻ هي به آهي جو اسان وٽ سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز جي علمن خاص ڪري اينٿراپالاجي کي اڃان اها سڃاڻپ ۽ اهميت ئي  نٿي ڏني وڃي. اُن ڪري اُن کوٽ ۽ صلاحيت جي سوال جي اهميت کي سمجھندي پاڻ اڄوڪي آرٽيڪل ۾ اينٿراپالاجسٽ الپا شاهه جي انقلابي گوريلن تي لکيل ڪتاب “نائيٽ مارچ” يعني اُوندهه ۾ پَنڌ بابت پڙھندڙن سان ڪجھه ونڊ ڪيون ٿا ته جيئن اندازو ٿئي ته دنيا ۾ اينٿراپالاجي جي فيلڊ ۾ سماجي، معاشي سياسي پَاسن تي تمام بينادي، اهم ۽ وسيع پيماني جو ڪم ٿي رهيو آهي. ۽ اينٿراپالاجي سماجي سياسي تبديلي جي پيچيدهه عمل جو ڪيترو گهرائي سان مطالعو پيش ڪري ٿي.

ڪينيا جي شهر نيروبي ڄائي الپا شاهه  ايل اي سي برطانيه مان اينٿراپالاجي ۾ تعليمي يافته آهي ۽ هاڻي ساڳئي اداري ۾ هوءَ پروفيسر طور ڪم ڪري رهي آهي. اينٿراپالاجي جي علمي ۽ تحقيقي حلقن ۾ الپا شاهه جو تعارف ان ڪري به نرالو آهي جو هن جو ڳاڻاپو پوليٽيڪل اينٿراپالاجي جھڙي غير روايتي نوعيت جي ڪم ۾ ٿئي ٿو. الپا شاهه جي ڪم جي شروعات ۽ سڃاڻپ ويهه ٻاويهه سال پهرين انڊيا جي جھارکنڊ رياست جي ٻيلن ۾ وسندڙ ڌرتي ڌڻي آديسي قبيلن ۽ ماڻهن سان ڪيل ايٿنوگرافڪ فيلڊ ورڪ آهي. هي اهي آديواسي قبيلا آهن جيڪي انڊيا جي بهار، جھارکنڊ، اُڙيسه ۽ ڇتيسڳڙھه رياستن ۾ وڏي آبادي تي ڦهليل قدرتي وسيلن، ندين ۽ نئين ، وڻن سان مالامال آبادين ۾ صدين کان رهن ٿا. انڊين مرڪزي سرڪار جو انهن علائقن ۽ آبادين سان سرمائيدراڻو هٻڇ ۽ وسيلن تي والار وارو حاڪماڻوپاليسي رويو ۽ وهنوار رهيو آهي.اوڻويهه سو سٺ جي ڏهاڪي ۾ بنگال جي ڳوٺ نڪسل باڙي ۾   ان مرڪزي جبري حاڪماڻي پاليسي خلاف اتان جي مقامي ماڻهن مارڪسسٽ، مائوسٽ انقلابي ويڙھه کي اڀاريو.

تنهن بعد مسلسل انهن علائقن ۾ مارڪسسٽ، مائوسٽ انقلابي جدوجھد جاري رهندي آئي آهي، خاص ڪري ٻه هزار کان پوءِ مختلف وقتن تي مختلف گوريلا ڌڙن ملي ڪري گڏيل محاذ پڻ جوڙيا آهن. الپا شاهه جوسندس اينٿراپالاجيڪل ريسرچ ڪم لاءِ ان قِسم جي ماڻهن ۽ موضوع جي چونڊ ڪرڻ خود سندس سياسي ڌارا ۽ عمل ۾ شعوري دلچسپي ۽ اينٿراپالاجسٽ کي ان کان الڳ نه ڪرڻ جو اظهار آهي.هڪ ڊگهي عرصي تائين جھارکنڊ ۾ آديواسين جي ڳوٺن ۾ سندس ڪم جي نتيجي ۾ پروفيسر الپا شاهه جو پهريون ڪتاب “ ان دي شيڊوز آف اسٽيٽ” ٻه هزار ڏهه ۾ سامهون آيو. هن ڪتاب ۾ الپا شاهه جھارکنڊ جي ٻيلن ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻي آديواسي ماڻهن جي ڳوٺن ۾ هڪ اينٿراپالاجسٽ طور پارٽيسيپنٽ اوبزرويشن ڪري ڌرتي ڌڻين جي سياست، ماحوليات، لڏپلاڻ، زرعي تبديلي ۽ ترقي بابت لکيو آهي.

ان ئي حوالي ۽ تسلسل سان پروفيسر الپا شاهه جو ٻه هزار ارڙھن ۾ آيل اهم ڪتاب “نائيٽ مارچ” آهي جنهن جو مون شروع ۾ ئي ذڪر ڪيو آهي. “نائيٽ مارچ” ڪتاب  دراصل الپا شاهه جو انقلابي گوريلن سان ٻه هزار ڏهه ۾ گذاريل ست راتيون ۽ اڍائي سئو ڪلوميٽرزجي فاصلي بابت رات جي مارچ جي ايٿنوگرافڪي آهي جنهن ۾ هن جھارکنڊ، ڇتيسڳڙھه، بهار رياستن ۾ مُک انقلابي گوريلن سان گڏ مرداڻو ويس ڪري اڍائي سئو ڪلوميٽراوندهه جو پيادل سفر ڪري هڪ اينٿراپالاجسٽ طور انقلابي گوريلا تحريڪ کي ويجھڙائي کان سمجھڻ جو جوکو کنيو آهي.  هڪ پبلڪ اينٿراپالاجسٽ طورالپا شاهه ڌرتي ڌڻي آديواسين جي گهرن،   ڳوٺن، اسڪولن ۽ هيلٿ سينٽرن تي سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪڙا چاڙھڻ ۽ وڳوڙ ڪرڻ کي ويجھڙائي کان ڏسي انڊين رياست جي جبري چهري کي وائکو ڪيو آهي.

هنن انقلابي گوريلن لاءِ سيڪيورٽي فورسز کان بچڻ ۽ ڀڄڻ لاءِ ڄڻ  رات جي اونداهي ۾ سفر ڪرڻ موت جي رقص مثل آهي.  الپا شاهه انقلابي گوريلن سان گڏ انهن ست راتين ۽ ٻه سئو ڪلو ميٽر رات جي مارچ ۾ انقلاب جي سرواڻ اپرڪاسٽ جي ڪردارن کان ويندي گوريلا تحريڪ ۾ شامل عام ڳوٺاڻن ويڙھاڪ نوجوانن، نارين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پروفيسرالپا شاهه جي نائيٽ مارچ ۾ انقلابي گوريلا ويڙھه جو اهم ڪردار گيانجي به آهي جنهن جو تعلق هندو اپر ڪاسٽ سان آهي جيڪو گذريل ويهه سالن کان برابري جي دنيا اڏڻ جي تمنا ۾  انڊر گرائونڊ آهي.

گيانجي گوريلا جنگ جو فڪري سرواڻ آهي ۽ هو سمجھي ٿو ته موجوده انڊيا اڃان به نيم فيوڊل بيهڪ ۾ آهي. جڏهن ته الپا شاهه جو خيال آهي ته هي گوريلا ان ڳالهه کي سمجھن ٿا ته هي مسئلو سرمائيدراڻي سرشتي سان ڳنڍيل آهي.  نائيٽ مارچ ۾ الپا شاهه ان آديواسي نوجوان گوريلي وڪاس بابت به ڳالهايو آهي جنهن وٽ هر عام ماڻهو وانگر اڳتي وڌڻ، سٺو گهر، پئسا ۽ وڏي گاڏي هجڻ جون سڌون آهن، نائيٽ مارچ دوران هن وڪاس وٽ سندس فون ۾ پورن فلمون به ڏٺيون ۽ وڪاس جي خواهشن جو انت نيٺ گوريلن سان دوکي تي دنگ ڪري ٿو. الپا شاهه نائيٽ مارچ ۾ انقلابي گوريلا ويڙھه جي پيچيدگين تي ڳالهائيندي تنقيدي نشاندهي به ڪري ٿي ته  سرمائيدار ڪمپنيون جيڪي اتي قدرتي وسيلن جي ايڪسٽريڪشن ۽ ٽيڪس جي ٺيڪن جو ڪم ڪن ٿيون ان ۾ گوريلا اڳواڻ خود ٽيڪس جي وصولي ۽ حصو پتي کڻن ٿا، انهن مان ڪجھه ڪردار پاڻ به سرمائيدار ۽ سياسي اڳواڻ ٿي نڪرن ٿا.

الپا شاهه اهو به لکي ٿي ته گوريلا تحريڪ ۾ اهي نوجوان به شامل ٿين ٿا جن جو محرڪ صرف باغياڻي جواني آهي. ويڙھه ۾ هلندي هلندي ٿڪجي پوندڙ ماڻهو به آهن جن جا پنهنجا پيارا، دوست ساٿي ٽارچرن ۽ گولين ۾ مري ٿا وڃن ته هو اُن خوف ۽ صعوبت واري حالت مان نڪرڻ چاهين ٿا ۽ تحريڪ کي الوداع ڪن ٿا. ڪي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي مرڪزي سرڪار سان ڳٺ جوڙ ڪن ٿا​. الپا شاهه انقلابي گوريلا ويڙھه ۾ نارين جي حوالي سان به ڪافي ڳالهايو آهي ته ڪيئن انهن جي شموليت ناريواد پهلو جي حوالي سان خود مختيارڪري ٿي ته ٻئي طرف ذات پات، طبقاتي ۽ هندو مڊل ڪلاسي سماجي سوچ نارين کي بي اختيار به ڪري ٿي خاص ڪري جنسي ۽ مڌ پيئڻ جي سماجي اخلاقيات تي.

پروفيسر الپا شاهه جي نائيٽ مارچ کي سال ٻه هزار ويهه ۾ ايسوسيئشن آف پوليٽيڪل اينڊ ليگل اينٿراپالاجي بڪر پرائيزطور چونڊيو ويو۽ پبلڪ اينٿراپالاجسٽ جرنل طرفان اهم ۽ ضرور پڙھڻ جھڙو ڪتاب پڌرو ڪيو ويو. ايڪويهين صدي انڊيا جنهن ۾ اڄڪلهه مودي سرڪار جو هندوتا فاشسٽ راڄ آهي جيڪو خود سرمائيداراڻي ساختياتي اڻت ۽ بحران جو نتيجوآهي ان صورتحال ۾ اينٿراپالاجسٽ الپا شاهه جو نائيٽ مارچ جنهن ۾ انڊين سرمائيڪار ترقي جي تضاد جي نتيجي ۾ ٻيلن ۾ گوريلا ويڙھه جو مورچوسنڀاليندڙن کي فوڪس ڪيو ويو آهي ان ڪري  به اهم ڪتاب آهي جواسان جي پاڪستان ديس ۾ پڻ سرمائيڪار ترقي ماڊل تي متبادل ۽ تنقيدي رايو رکندڙن کي غداري جا لقب ڏئي دٻايو وڃي ٿو.