جوهي (ن پ ا) نادرا جو انوکو ڪارنامو سڃاڻپ ڪارڊ ۾ جنس کي تبديل ڪري مرد کي عورت لکي ڇڏيو، جوهي شھر باهوٽا محلا واسي پورهيت نياز علي جانوري دانهيندي چيو ته چار سالن کان ڪارڊ ٺاهرائڻ لاء پريشان هئس دوستن کي ڪارڊ ٺهرائڻ لاء ميڙ منٿون ڪندو هئس آخرڪار پاڙيسري سان گڏ نادرا آفيس جوهي مان ڪارڊ ٺهرايو، نادرا وارن سڃاڻپ ڪارڊ ۾ غلطي سان جنس تبديل ڪري ڇڏيو مرد جي جاء تي عورت لکي ڇڏيو، هن مطالبو ڪيو ته هن سڃاڻپ ڪارڊ کي خارج ڪري ٻيهر جنس درست ڪري نئون ڪارڊ جاري ڪيو وڃي