کٽمنڊو(اسپورٽس نيوز) نائلا ڪياني دنيا جي ڏهين بلند ترين چوٽي سر ڪندڙ پهريون پاڪستاني عورت بڻجي وئي. نائلا ڪياني سومر جو صبح نيپال جي 8 هزار 91 ميٽر بلند انا پورنا چوٽي سر ڪري ورتي آهي. نائلا ڪياني دنيا جي ڏهين بلند ترين چوٽي سر ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت بڻجي وئي آهي. نائلا ڪياني سان گڏ پاڪستاني جبل چاڙهو 21 سالن جي شهزور ڪاشف به اناپورنا چوٽي سر ڪري ورتي آهي. ڪاشف شهزور هن وقت تائين 8 هزار ميٽر کان وڌيڪ بلند 11 چوٽيون سر ڪري چڪو آهي.

.

ڪاشف شهزور 11 بلند چوٽيون سر ڪندڙ ٻي پاڪستاني جبل چاڙهو آهي. ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن جبل چاڙهو ساجد مصنوعي آڪسيجن کانسواءِ اناپورنا چوٽي سر ڪئي هئي.