نئين ديري ۾ ارڙي وگهي معصوم ٻارڙو فوت، ڪيترائي مبتلا

0
274

نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو جي پيرچوڏھيل شاھ محلي ۾ ارڙي وگهي ٻن ورھين جو ٻارڙو نعمان ميراڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته محلي ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ ورتل آهن، فوتي ٻارڙي جي والد جو چوڻ آهي ته 3 ڏينهن نعمان کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، ڪالهه ڊاڪٽرز جواب ڏئي موٽائي ڇڏيو ته ٻارڙي جاڏينهن پورا ٿي ويا آهن ۽ هي فوت ٿي ويو.