نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ۾ بدامنيءَ جي وڌندڙ وارداتن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر شهرين کي ڀتي جون چٺيون ملڻ شروع ٿي ويون. نئون ديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پنجوديرو ۾ ڀتي لاءِ هٿياربندن ڳوٺ پنجوديرو جي رهواسي نور محمد لاڙڪ جي گهر مٿان فائرنگ ڪري 7 لک ڀتي جي چٺي ڇڏي ويا، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پيرا مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ گم ٿي ويا. نورالله لاڙڪ صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي ڏوهاري بچل ڪورائي فون تي ڌمڪيون ڏيندو هو. گذريل رات هن اسان جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني گوليون گهر جي دروازي ۾ لڳيون. هٿياربند فائرنگ ڪرڻ بعد هڪ چٺي اڇلي فرار ٿي ويا آهن ۽ ڌمڪيون ڏئي ويا آهن ته 7 لک ڀتو پهچايو، جيڪڏهن ڀتو نه ڏنو ته توهان کي جاني ۽ مالي نقصان پهچائينداسين. هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ رائيس ڪئنال ڀرسان ڪورائين جي ڳوٺ وٽان زرعي زمين خريد ڪئي هئي، جنهن تي ڪجهه ماڻهن زمين تي قبضو به ڪيو هو، جنهن جو بعد ۾ فيصلو ڪري معاملي کي حل ڪيو ويو هو. ڪجهه وقت کان محمد بچل ڪورائي نالي ڏوهاري موبائل فون تي ڪال ڪري ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي ۽ ڪالهه هن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري حراس پکيڙڻ بعد هڪ چٺي ڇڏي ويو آهي جنهن ۾ هو اسان کان 7 لک روپيه روڪ ڀتو گهري رهيو آهي جيڪو نه ڏيڻ جي صورت ۾ مالي ۽ جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. نئون ديرو پوليس کي اڳواٽ اطلاع ڪيو هو، ڪو تحرڪ نه ورتو، تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف واقعي بابت رابطو ڪرڻ تي نئون ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او شاهد ميمڻ ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملڻ بعد فوري ڪاروائي ڪندي پوليس ساڻ ڪري ڏوهارين جو پيرو کنيو جيڪو مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ لڳو آهي. اسان جون ڏوهارين خلاف ڪاروايون جاري آهن ۽ جلد جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.