نئين دمبالي جي شاگردياڻي سان امتحان دوران استادن جي مبينا لڄالٽ ڪوشش، ڌمڪيون

0
39
نئين دمبالي جي شاگردياڻي سان امتحان دوران استادن جي مبينا لڄالٽ ڪوشش، ڌمڪيون
نئين دمبالي جي شاگردياڻي سان امتحان دوران استادن جي مبينا لڄالٽ ڪوشش، ڌمڪيون

نئون دمبالو (رپورٽ: عبدالغفار باگراڻي) نئون دمبالو ۾ يارھين ڪلاس جي شاگردياڻي پاران زيادتي جي ڪوشش جو الزام شاگردياڻي پاڻ سان ٿيل واقعو ٻڌائيندي روئي ويٺي انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ خودڪشي جو چتاءَ

نئون دمبالو جي منهاج القرآن ٽرسٽ اسڪول ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردياڻي شاھين ولد غلام نبي گشڪوري چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ يارھين ڪلاس جي پيپر دوران استاد پرويز پھوڙ مون کي ھڪ ڪمري ۾ وٺي ويو جتي ارسلان آرائين طارق گورايه، وارث گورايه موجود ھئا جن مونسان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

منھنجي ٻانھن مان پڪڙي منھنجو اسڪارف لھرايو جنھن کان پوءِ  آئون پنھنجي ڪوشش ڪري ان ڪلاس مان ٻاھر نڪري آيس جنھن کان پوءِ پنھنجي بلاڪ ۾ ويس جتي پڻ ساڳين ئي استادن مون کي ھراسان ڪيو ۽ مون کي پيپر نه ڪرڻ ڏنو ويو

مس الشباءِ، مس نائيلا، مس شزا، مس شھناز مونکي بار بار ھراسان ڪنديون رهيون ته اھا ڳالھه گھر نه ڪجان نه ته توکي فيل ڪري ڇڏينداسين ۽ ان کانپوءِ جڏھن پيپر واپس ورتو ويو ته اسڪول جي سينئر استاد شبير کرل کي اھا ڳالھه ٻڌائي ته ان مون تي تشدد ڪيو ۽ گھر ٻڌائڻ کان منع ڪيو جنھن کانپوءِ اسڪول جي موڪل وقت گيٽ تي بيٺل نعيم ورڪ بيٺل ھئا، جن پڻ مون کي ڌمڪايو ته اھا ڳالھه گھر نه ڪجانءِ نه ته توتي ڪاپي ڪيس ڪري تنھنجو مستقبل تباھ ڪنداسين ۽ اسان جا پوليس سان سٺا تعلقات آھن

اسان تنھنجي والدين کي جيل موڪلينداسين ۽ ان کان پوءِ جيئن ئي مان ٻاھر ويس ته منھنجو ڀاءُ مونکي وٺڻ آيو جنھن کي سڄي ڪھاڻي ٻڌائي جنھن انھي وقت استادن سان ڳالھايو پر ان ڳالھه کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي پوءِ منھنجي والد جيڪو سرڪاري ملازم آھي جيڪو شام جو گھر آيو ان کي اھا ڪھاڻي ٻڌايم ته اھو استادن وٽ ويو استادن منھنجي والد سان بدتميزي ڪئي ۽ منھنجي والد سميت منھنجي مائٽن تي ڪوڙو ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ دھشتگردي جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي، جنھن سبب منھنجو والد بيگناھ جيل ۾ آھي ھنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي بدين توڙي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو آھي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي نه ته آئون خودڪشي ڪندس

شاگردياڻي پيپر دوران موبائل فون آڻيندي هئي، الزام اجايا آهن: اسڪول مالڪ

نئون دمبالو: منھاج القرآن ٽرسٽ اسڪول ڪاليج جي مالڪ شبير احمد کرل ٻڌايو ته ڇوڪري اسڪول ۾ پيپرن دوران موبائيل فون کڻي ايندي ھئي جنھن تان استادن منع ڪيو ۽ اوچتو وزٽ لاءِ ٽيم اچي وئي ۽ ڇوڪري کان موبائيل فون ڦري ورتو جيڪو پيپر ختم ٿيڻ کانپوءِ واپس ڪيو ويو ۽ ٻيو ڪوبه اھڙو غلط عمل نه ٿيو آھي ڇوڪري اجايا الزام لڳائي رھي آھي