نئين بجيٽ مان سنڌ کي ڇا ملندو؟

0
48
نئين بجيٽ مان سنڌ کي ڇا ملندو؟

سنڌ سرڪار ٽي هزار ارب رپين جي سالياني بجيٽ پيش ڪئي آهي. ان بجيٽ تي بحث جا ڪيترائي پاسا آهن، جن مان ڪُجهه اهم نڪتا هن ريت آهن:

                 * گذريل سال جي ترقياتي بجيٽ جي 735 ارب رُپين جي ڀيٽ ۾ هن سال سنڌ سرڪار 959 ارب رُپيا رکيا آهن، جيڪا رقم 30.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان ترقياتي بجيٽ ۾ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 493 ارب رُپيا ۽ ضلعي ترقياتي پروگرام لاءِ 55 ارب رُپيا رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ 334 ارب رُپيا پرڏيهي امداد/قرض وارين رٿائن لاءِ رکيا ويا آهن ۽ 77 ارب رُپيا وفاقي ترقياتي پروگرام جي رٿائن لاءِ آهن.

                 * هن سال حڪومت نئين رٿائن لاءِ رقمون رکڻ بجاءِ اڻپورين هلندڙ رٿائن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ رقمون رکيون آهن. ان ڏس ۾ 4250 هلندڙ رٿائن لاءِ 305 ارب رُپيا رکيا ويا آهن. ساڳي طرح 395 اهڙين رٿائن لاءِ به رقمون رکيون ويون آهن، جيڪي اڃان تائين منظور ئي ناهن ٿيل.

                 * ڪميونيڪيشن جي شعبي لاءِ بجيٽ ۾ غير معمولي واڌ ڪري 2.2 ارب رُپين جي جاءِ تي 60.4 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان ڪراچي ۽ ٻين شهرن لاءِ بسون خريد ڪيون وينديون.

* مڪاني حڪومتن هن سال 15.7 ارب رُپيا خرچ ڪيا هئا، ان لاءِ 71.95 ارب رُپيا رکيا ويا آهن.

* صحت کاتي هن سال 2.7 ارب رُپيا خرچ ڪيا، ان لاءِ 18 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

* پبلڪ هيلٿ کاتي کي هن سال 22 ارب رپيا ڏنا ويا، جڏهن ته گذريل سال ان کي 3.26 ارب رپيا مليا هئا.

* وزير اعليٰ بجيٽ تقرير ۾ اعلان ڪيو ته، ايندڙ مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين سنڌ جي هر شهريءَ کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملندو ۽ ان مقصد لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. اهو تمام وڏو سياسي اعلان آهي، جنهن تي اڌ جيترو به عمل ٿي وڃي ته، اسپتالن جا اڌ بسترا خالي ٿي سگهن ٿا.

* هلندڙ مالي سال ۾ سرڪار ترقياتي بجيٽ لاءِ 735 ارب رپيا رکيا هئا، جن مان 529 ارب رُپيا جاري ٿي سگهيا. ان مان اصل خرچ ڪيترو ٿيو، اها خبر ايندڙ سال پوندي.

* ايندڙ سال لاءِ سنڌ سرڪار ترقياتي بجيٽ لاءِ 959 ارب رپيا رکيا، جڏهن ته ٻيڻي آبادي واري پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 842 ارب رپيا آهي. آباديءَ تي اها رقم ورهائجي ته سنڌ ۾ في ماڻهوءَ لاءِ 17218 رُپيا ترقياتي بجيٽ رکيل آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ في ماڻهوءَ لاءِ 6594 رپيا رکيا ويا آهن.

* سنڌ حڪومت ايندڙ سال جنرل سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 350 ارب رپين جي اوڳاڙي جو هدف رکيو آهي، جڏهن ته ٻيڻي آبادي واري پنجاب صوبي پنهنجو هدف 300 ارب رپيا رکيو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪراچيءَ جهڙو وڏو پورٽ شهر آهي پر ساڳئي وقت پنجاب ۾ اڌ درجن کان وڌيڪ صنعتي شهر آهن، جتان ان مد ۾ وڌيڪ آمدني ٿيڻ گهرجي.

* سنڌ سرڪار ورهين کان رلندڙ رٿائن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ ڪا به نئين ترقياتي رٿا نه رکي آهي. اهو حڪمت عملي جي لحاظ کان بنهه غلط فيصلو به ناهي پر ان جو نقصان اهو ٿئي ٿو ته، معيشت کي اُڀار ڏيڻ لاءِ ڪا وڏي نئين سيڙپ نه پئي ٿئي. سنڌ کي ٻهراڙيءَ وارن ضلعن ۾ نوان معاشي، خاص ڪري صنعتي مرڪز گهربل آهن. خيرپور جي اڪنامڪ زون ورهين کان خالي پئي آهي. سنڌ کي هر ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ هڪ معاشي زون جي ضرورت آهي، جيڪا مقامي سطح تي روزگار جا موقعا پيدا ڪري.

* 2022ع جي ٻوڏ سنڌ ۾ وڏي تباهي ڪئي. ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار طرفان 20 لک کان وڌيڪ ڪُٽنبن لاءِ هڪ ڪمري جا پڪا گهر ٺاهيا پيا وڃن، جيڪا واکاڻ جوڳي رٿا آهي، ان تي عمل جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. البته ٻوڏن کان بچاءُ لاءِ ٻه اهم رٿائون آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي کي جنهن رفتار سان پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان کي گهربل اوليت نه پئي ڏني وڃي.

* آر بي او ڊي سم نالي کي سيوهڻ کان گهاري تائين پهچائڻ لاءِ 2001ع ۾ شروع ٿيل رٿا اڃان تائين مڪمل ناهي ڪئي وئي. ڪُجهه ورهيه اڳ ان رٿا جي نظرثاني ڪيل بجيٽ 62 ارب رُپيا رکي وئي آهي. سنڌ حڪومت ان رٿا ۾ صوبائي حصو 7 ارب رُپيا رکيو هو. ان مان هينئر تائين 3 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن پر باقي بچيل 4 ارب رُپين مان هن بجيٽ ۾ رُڳو 50 لک رُپيا رکيا ويا آهن. هن اهم رٿا کي ائين نظرانداز ڪرڻ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.

ساڳي طرح کاٻي ڪپ تي ايل بي او ڊي رٿا ٻوڏ وقت نقصانن جو ڪارڻ بڻجي ٿي. 2022ع ۾ پراڻ ڍوري جو پاڻي ايل بي او ڊي جي رنڊڪ سبب ڪڇ جي رڻ وسيلي شڪور ڍنڍ ڏانهن نڪري نه سگهيو. نتيجي ۾ ميرپورخاص ضلعي ۾ جهڏي ۽ ڀرپاسي جا علائقا ٻُڏا ۽ ساڄي ڪپ تي بدين جا علائقا (شادي لارج وغيره) مس بچي سگهيا. ان پاڻي جي نيڪال لاءِ ايل بي او ڊي هيٺان لنگهه ڏيڻ واري رٿا لاءِ 4.8 ارب رُپيا رکيا ويا هئا، جن مان هينئر تائين 1.3 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. ان رٿا جي رهيل 3.5 ارب رُپين مان سنڌ جي بجيٽ ۾ رُڳو 89 ڪروڙ رُپيا رکيا ويا آهن، ان قسم جي هنگامي نوعيت جي رٿا کي اوليتي بنياد تي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن ٻوڏ ۽ برساتن ۾ ماڻهن جون جانيون، اجها ۽ فصل وغيره بچائي سگهجن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته، هن رٿا کي وڌيڪ پئسا جاري ڪري جلد کان جلد مڪمل ڪرايو وڃي.

* سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هر کاتي مان انهن رٿائن جي فهرست جوڙائي جيڪي قدرتي ۽ انساني آفتن کي ٽارڻ يا ان جي ڪري ٿيندڙ تباهيءَ جا اثر گهٽائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. انهن رٿائن کي اوليتي بنياد تي رقمون جاري ڪري جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.

* ترقياتي رٿائن لاءِ وڌيڪ رقمون رکڻ سان گڏ انهن جون ٽه ماهي قسطون وقت سر جاري ڪرڻ ۽ انهن کي معياري طريقي سان خرچ ڪرڻ جو نظام ڪمزور آهي. سنڌ حڪومت کي رٿابندي واري کاتي اندر رٿائن جي چڪاس ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ نظام جوڙڻ گهرجي.

سنڌ کي بجيٽن ۾ رڳو ڇڙ وڇڙ ترقياتي رٿائن بجاءِ ڊگهي مدي ۾ تبديلي آڻڻ ۽ معاشي اُڀار جي لهر پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ مڪمل ترقياتي رٿابنديءَ جي ضرورت آهي. اهي رٿائون جوڙڻ جي ضرورت آهي، جيڪي جديد مارڪيٽ جي گهرجن آهر انساني وسيلا پيدا ڪري سگهن ۽ صنعتي معيشت کي سگهارو ڪري سگهن.