نئين آرمي چيف جي مقرري ۾ ڪو ”مسئلو“ آهي؟

0
205
نئين آرمي چيف جي مقرري ۾ ڪو ”مسئلو“ آهي؟

اسان جي ملڪ ۾ ڪو نئون صدر مقرر ٿي اچي، نئون وزيراعظم اچي وڃي، پوري نئين وفاقي ڪابينا اچي وڃي، سڀني صوبن ۾ نيون حڪومتون چونڊجي اچي وڃن يا کڻي ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جو ڪو نئون چيف جسٽس اچي وڃي يا کڻي نئون آرمي چيف مقرر ٿي اچي ۽ ان سان گڏ آفيسر شاهي ۾ ڪيڏي به تبديلي اچي وڃي پر هيستائين عوام جي زندگي ۾ ان تبديلي سان ذري جو به فرق نه آيو آهي. وڏي ڳالهه ته هر دفعي اهڙي قسم جي تبديلي جي اچڻ سان هڪڙي اميد پيدا ٿيندي آهي يا هٿرادو طريقي سان اهڙي اميد پيدا ڪئي ويندي آهي، پر عملي طرح عوام نئين آيل تبديلي سان وڌيڪ عذاب ۽ تڪليفن کي مُنهن ڏنو آهي، جنهن جو تازو مثال عمران خان جي پوڻا چار سالا حڪومت آهي، جنهن ۾ عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ تمام وڏا خواب ڏيکاريا ويا ۽ وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون، پر پوڻن چئن سالن کانپوءِ نتيجو ڇا نڪتو؟ رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن، بي اتنها بيروزگاري، تمام گهڻي مهانگائي، لاقانونيت، اقرباپروري وغيره. هاڻي وري نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان ائين ڳالهيون ۽ بحث ٿي رهيا آهن ته ڄڻ اهو ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ اهم مسئلو آهي، جيڪڏهن ڪنهن به طرح سان فلاڻو فلاڻو ماڻهو آرمي چيف ٿي ويو ته بس ان سان ملڪ جي ۽ عوام جي قسمت تبديل ٿي ويندي ۽ رات پيٽ وچ ۾ ملڪ ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهي اينديون ۽ عوام 75 سالن کان جن مسئلن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي اهي هڪدم ختم ٿي ويندا ۽ ملڪ پورو ملير ٿي ويندو. پر گذريل پنجهتر سالا تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ائين نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ايندڙ وقت لاءِ ڪا اهڙي اميد رکي وڃي. پر وري به اميدن تي دنيا قائم ۽ دائم آهي. هتي اچو ته ان ڳالهه جو جائزو وٺون ته آخر ايترا ڏينهن گذرڻ جي باوجود به اڃا تائين ڪهڙي سبب نئين آرمي چيف جي نالي جو اعلان ڇو نه ٿي سگهيو آهي.

نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان هڪڙي پاسي خود اداري ۽ ان جي موجوده سربراهه جي ڪوشش ۽ خواهش آهي ته هن جي پسند جو شخص آرمي چيف مقرر ٿئي. ٻئي طرف حڪومت خاص طور تي شهباز شريف جي ڪوشش آهي ته آرمي چيف ان شخص کي مقرر ڪيو وڃي جيڪو نواز شريف چاهي. ٻئي پاسي حڪومتي اتحادين جي به پوري ڪوشش هوندي ته اهي به پنهنجي پنهنجي پسند جي شخص جي باري ۾ حڪومت کي آگاهه ڪن ۽ ان جي حمايت حاصل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪن خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ. جڏهن ته ٽئين پاسي مخالف ڌر يعني عمران خان آهي، جنهن جي پوري ڪوشش آهي ته ان شخص کي آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي جيڪو حڪومت خاص طور تي نواز شريف، آصف زرداري ۽ شهباز شريف جي پسند جو نه هجي ۽ ٻيو اهو جنرل باجوه جي به پسند وارو نه هجي ۽ وچ ۾ ڪو ٽيون ٿي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو گذريل پندرنهن ڏينهن کان لانگ مارچ جي صورت ۾ هڪڙا ”عوامي“ جٿا ملڪ جي سڀني رستن تي ڦرن پيا ۽ بس ڪنهن اعلان يا حڪم جي انتظار ۾ آهن ته اهو ٿئي ۽ ان مطابق ردعمل ڏنو وڃي.

سڀ کان پهرين اچو ته مخالف ڌر يعني عمران خان جو جائزو وٺون ته هو ڇا ٿو چاهي. عمران خان بار بار چئي چڪو آهي ته آئون نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي هڪ اهڙو آرمي چيف مقرر ڪرڻ نه ڏيندس جيڪو انهن جي ڪرپشن کي تحفظ بخشي ۽ انهن جي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. ان جو مطلب ته عمران خان جي نظر ۾ آرمي چيف جي ڊوڙ ۾ ڪو اهڙو شخص به آهي جيڪو نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي ڪرپشن کي تحفظ ڏيندو ۽ انهن کي فائدو پهچائيندو. پر ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته آصف زرداري، نواز شريف، مريم نواز ۽ شهباز شريف کي جيڪي فائدا وٺڻا هئا اهي ته وٺي چڪا آهن. شهباز شريف پٽن سميت ڪيترن ئي ڪيسن مان بري ٿي ويو آهي. مريم نواز ايون فيلڊ واري ڪيس مان نه صرف بري ٿي چڪي آهي پر اها ته هن وقت لنڊن ۾ آرام سان ويٺي آهي. نواز شريف کي سفارتي پاسپورٽ به ملي ويو آهي ۽ آصف زرداري به ڪيترن ڪيسن مان بري ٿي ويو آهي ۽ ان سان گڏ انهن نه صرف نئون نيب چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي پر نيب جي قانون ۾ جيڪي تبديليون انهن چاهيون پئي اهي به ڪرائي چڪا آهن، تنهن ڪري انهن جا ڄڻ ته سڀ ڪم ٿي ويا آهن. پوءِ به عمران خان چئي ٿو ته آئون ڪنهن به طرح انهن جي پسند جو آرمي چيف لڳائڻ نه ڏيندس. عمران خان جي ڳالهين جو ٿوري غور سان جائزو وٺبو ته صاف نظر ايندو ته هو ڪنهن به طرح نه چاهيندو ته اداري جي جيڪا موجوده قيادت آهي ان جي مرضي ۽ ٻي جيڪا اتحادي حڪومت آهي، تنهن جي مرضي جو آرمي چيف مقرر ٿي وڃي. عمران خان جي موجوده اسٽيبلشمينٽ جي جيڪا قيادت آهي، تنهن تي هن جيڪا تنقيد ڪئي آهي، تنهن کان پورو پاڪستان واقف آهي. ان کي ”نيوٽرل“ کان ويندي ڪهڙا ڪهڙا خطاب عمران خان عطا نه ڪيا، ايتري قدر جو اداري کي پهريون دفعو ڊي جي آءِ ايس آءِ جي حيثيت ۾ پريس ڪانفرنس ڪري جواب ڏيڻو پيو. تنهن ڪري عمران خان جي پويان جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي لابي ويٺي آهي يا جيڪا هن جي حمايت ڪري رهي آهي، اها به پنهنجي موجوده قيادت ۽ اتحادي حڪومت مان ايتري ناخوش ۽ بيزار آهي، جيترو عمران خان پاڻ آهي. تنهن ڪري نئين آرمي چيف جي مقرري کان اڳ هن اسلام آباد ۽ هاڻي وري راولپنڊي طرف مارچ جو اعلان ڪري اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن نالو سندس پسند خلاف آيو ته هُو سڄي ملڪ ۾ هڪ تاريخي احتجاج ڪري رڪارڊ تي رکندو ته آئون ان جي مقرري جي خلاف هئس ۽ مون پنهنجي خدشن جو تنهن وقت به اظهارڪيو هو، جيڪي وقت سان گڏ درست ثابت ٿيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو عمران خان جو لانگ مارچ ننڍن جٿن جي صورت ۾ پوري ملڪ ۾ ڦهليو پيو آهي ۽ بس حڪم ملڻ جي انتظار ۾ آهي. پر هتي هڪڙي ڳالهه واضح آهي ته عمران خان ڀلي ڇا به ڪري پر سندس پسند جو شخص آرمي چيف مقرر ٿئي اهو قطعي طرح ٿيندي نظر نه پيو اچي. پر هتي ان ڳالهه کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته عمران خان هڪڙي ٻي ڪوشش ڪندو ته جيڪڏهن سڀاڻي حڪومت ۽ اداري جي وچ ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري تان ڪي اختلاف ٿي پون ٿا ته ان جو پورو پورو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو.

نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان بظاهر حڪومت ۽ سندس اتحادين ۾ ڪي وڏا اختلاف ظاهر ٿي نه آيا آهن، جنهن مان صاف محسوس ٿئي ٿو ته اهي وڏي حد تائين پاڻ ۾ متفق آهن، تنهن ڪري انهن تي وڌيڪ تبصرو نٿو ڪري سگهجي. پر ساڳئي وقت حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ان مقرري تان اختلاف ٿي سگهن ٿا يا آهن. ڇو ته حڪومت معنيٰ نواز شريف. وزيراعظم شهباز شريف جي پوري ڪوشش آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري تان نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڪو وڏو اختلاف پيدا نه ٿئي. پر نواز شريف اڳ ۾ جيڪي پنج آرمي چيف لڳايا آهن اهي پنهنجي پسند جا لڳايا آهن ۽ هن هر ڀيري اداري طرفان جيڪو آرمي چيف لاءِ نالو ڏنو ويو، تنهن کي جوائنٽ چيف آف اسٽاف ضرور مقرر ڪيو آهي پر آرمي چيف هميشه پنهنجي پسند جو رکيو آهي. تنهن ڪري هن دفعي به هو چاهيندو ته آرمي چيف پنهنجي پسند جو لڳائي. نواز شريف جي ڪوشش آهي ته موسٽ سينيئر جنرل کي آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي، جنهن جو نالو آهي جنرل عاصم منير. (ياد رهي ته جنرل عاصم منير جي رٽائرمينٽ جي تاريخ 27 نومبر آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت هن جي مدي ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪئي ته هُو ان ڊوڙ ۾ سرفهرست آهي ۽ اچي به ويندو) ياد رهي ته جڏهن عمران خان وزيراعظم هو ته جنرل عاصم منير هڪڙي اهم عهدي تي مقرر هو. اتي حڪومت جي ڪجهه وزيرن ڪرپشن ڪئي، جنرل عاصم منير وزيرن جي اهڙي ڪرپشن جون ڳالهيون عمران خان سان شيئر ڪيون ۽ انهن خلاف ايڪشن کڻڻ جو مطالبو پڻ ڪيو، پر موٽ ۾ ٿوري وقت کانپوءِ جنرل عاصم منير کي اتان بدلي ڪيو ويو. يعني عمران خان انهن وزيرن جي خلاف ايڪشن کڻڻ جي بجاءِ خود جنرل عاصم کي ئي بدلي ڪري ڇڏيو، جنهن جو ڪنهن به طرح هڪ مثبت ۽ سٺو اثر نه ويو هوندو. هاڻي هڪڙي پاسي حڪومت جي اهڙي ڪوشش آهي ته وري ٻئي پاسي هي ڳالهيون به تجزئي هيٺ آهن ته ادارو جنرل ساحر شمشاد کي آرمي چيف لڳائڻ چاهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت ۽ اداري وچ ۾ ان اهم مقرري تان ڪي اختلاف ٿين. جيڪڏهن سڀاڻي نواز شريف چاهي ٿو ته سندس پسند جو شخص يا ٻين لفظن ۾ موسٽ سينيئر جنرل کي آرمي چيف لڳايو وڃي ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ۾ ڪي اهڙا اختلاف پيدا ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ صدر پاڪستان جو ڪردار به اهم ٿي ويندو ۽ صدر وزيراعظم جي سمري کي وڌ کان وڌ 24 ڏينهن تائين روڪي به سگهي ٿو. جيڪو حڪومت لاءِ هڪڙو وڏو چئلينج هوندو. حڪومت سمجهي ٿي ته اسان کي جيڪي وڏا ۽ اهم فائدا (جنهن جو مٿي ذڪر ٿيل آهي) وٺڻا هئا اهي ان ستن مهينن جي حڪومت ۾ وٺي چڪا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن سبب حڪومت وڃي ٿي ته اسان به هڪ دفعو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ مخالف موقف سان ميدان ۾ نڪري پونداسين. ٻئي طرف ان سڄي جهيڙي مان عمران خان پورو پورو فائدو وٺڻ چاهيندو ۽ جنهن جي هڪ واضح تياري لانگ مارچ جي صورت ۾ اڳ ئي روڊن تي موجود آهي.

[email protected]