نئون ڳوٺ (ن پ ا)نئون ڳوٺ ۾ 8 ورھين جو نينگر مومن پٽ علي اڪبر ڪلھوڙو کي وڇن ڪکي وڌو وارث کيس ميھڙ اسپتال کڻائي ويا جتان کين لاڙڪاڻو شيخ زيد چلڊرين اسپتال رفر ڪيو ويو جتي ڇوڪرو ڪوما ۾ ھليو ويو ۽ ڊاڪٽرن کين جواب ڏئي ڇڏيو جنھن بعد وارث پنوعاقل ڇانوڻي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو آھي جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي. ڪوما م ويل نينگر جي وارثن نصير احمد ڪلھوڙو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته صبح جو نينگر مومن کي پراڻو گھر ۾ پيل بوٽ پارايو جنهن ۾ زھريلا وڇون ھيا جن کيس چڪ ھنيا موقعي تي ٻئي وڇون ماريا پر ٻار جي طبيعت نه سڌري ميھڙ ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتال وارن به جواب ڏئي ڇڏيو ھاڻي پنو عاقل اسپتال ۾ بيھوشي جي حالت ۾ ڊاڪٽر کيس جي زندگي بچائي رھيا آھن