نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ۾ پرائمري استاد محمد اسلم دڪان تان سامان وٺي رهيو هو ته ٻه شاهينگ نينگر سندس کيسي مان 90 هزار روڪ رقم، سروس ڪارڊ ۽ ٻيون شيون ڪڍي فرار ٿي ويا، پرائمري استاد موجب هن گهر اچي پئسا سنڀاليا ته کيسو خالي مليو، جنهن بعد دڪاندار کان سي سي ٽي وي فوٽيج چيڪ ڪرايا جنهن دوران پتو پيو ته شاهينگ نينگر پئسا ڪڍي فرار ٿي ويا، بعد ۾ استاد اهڙو اطلاع نئون ڪوٽ پوليس کي ڏنو جنهن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.