نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ جي نجي اسڪول جي هاسٽل ۾ پرنسپال والم ڀيل  پاران ناري عظمه ڪنڀار کي نوڪري ڏيڻ بهاني گهرائي مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس جي 2 جوابدارن نجي اسڪول جي مالڪ غلام قادر گرگيز ۽ سندس زال جي گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت ميرپورخاص جي عدالت منظور ڪري ورتي آهي، هوڏانهن مامري جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيوٽ سنڌ نوٽيس وٺي ٽه رڪني ڪاميٽي جوڙي ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول ميرپورخاص انور قريشي کي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڪاميٽي ۾ احمد سولنگي، نويد سوڍو ۽ مظفر حسين شامل آهن، جيڪي ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول ميرپورخاص انور قريشي سان گڏ نئون ڪوٽ پهتا، هنن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته معاملي جون مختلف رخن کان حقيقتون معلوم ڪيون آهن، ناري سان زيادتي واري واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، هنن  ٻڌايو ته اسان کي معلوم ٿيو آهي ته نجي اسڪول جي هاسٽل ۾ ٽيوشن سينٽر قائم ٿيل آهي، جتي ناري سان واقعو پيش آيو، اسان اها  جڳھه به وزٽ ڪئي آهي، جيڪو اسان کي ٽيوشن سينٽر نه پيو لڳي، جتي کٽون ۽ بسترا پيل مليا آهن، هوڏانهن لڄالٽ واري واقعي جي جاچ آفيسر مومل لغاري ٻڌايو ته جنسي زيادتي واقعي جو مک جوابدار والم ڀيل گرفتار آهي، جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو آهي، جڏهن ته ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.