اسلام آباد (رپورٽ ايم بي سومرو) وزير اعظم عمران خان نيب آرڊيننس ۾ ترميمي آرڊيننس جي تيار ٿيل مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي حڪومت نيب قانون ۾ ترميم جو آرڊيننس اڄ اربع ڏينهن تي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، آرڊيننس تحت نئين نيب چيئرمين جي مقرري تائين موجوده چيئرمين نيب عهدي تي برقرار رهي سگهندو، نيب چيئرمين جي مقرري اپوزيشن ليڊر جي مشاورت سان ڪرڻ واري شق نيب قانون ۾ برقرار رهندي، وزير اعظم ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ اتفاق نه ٿيڻ تي مامرو پارلياماني ڪاميٽي ڏانهن منظوري لاءِ موڪليو ويندو تفصيل موجب حڪومت جي قانوني ٽيم نيب قانون ۾ ترميمي آرڊيننس جو مسودو تيار ڪري وزير اعظم عمران خان کي پيش ڪيو، ذريعن مطابق وزير اعظم نيب قانون ۾ ترميم لاءِ تيار ڪيل ترميمي آرڊيننس جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا کان ترميمي آرڊيننس جي سمري سرڪيوليشن ذريعي منظوري وٺي نيب قانون ۾ ترميم لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ مسودو صدر پاڪستان کي موڪليو ويندو، سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري اعلان ڪندي چيو آھي ته نيب قانون ۾ ترميم جو آرڊيننس اڄ اربع ڏينهن تي جاري ٿي ويندو، ذريعن مطابق جاري ٿيندڙ نيب آرڊيننس ذريعي چار سالن تائين نيب چيئرمين جي وڌيڪ وقت لاءِ مقرري تي نيب جي آرڊيننس جي سيڪشن 6 ۾ موجود پابندي واري شق کي ختم ڪري ترميم شامل ڪئي وئي آهي ته نئين نيب چيئرمين جي مقرري تائين موجوده نيب چيئرمين عهدي تي برقرار رهي سگهندو ، ذريعن مطابق جاري ٿيندڙ آرڊيننس ۾ نيب چيئرمين جي مقرري وزير اعظم ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي مشاورت سان ڪرڻ واري شق قانون ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي ان حوالي سان نيئن ترميم شامل ڪئي وئي آھي جنهن تحت جيڪڏهن نيب چيئرمين جي مقرري ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ وزير اعظم وچم ڊيڊلاڪ پيدا ٿي پوي ته پوءِ مقرري جو مامرو پارلياماني ڪاميٽي ڏانهن ويندو، پهريون ڀيرو نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو طريقيڪار شامل ڪيو ويو آھي پهريان نيب چيئرمين جي مقرري جو مامرو پارلياماني ڪاميٽي کي موڪلڻ جو قانون ۾ ڪو طريقيڪار موجود نه آھي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اٽارني جنرل پاڪستان خالد جاويد چيو آھي ته جاري ٿيندڙ آرڊيننس تحت نئين چيئرمين نيب جي مقرري تائين موجوده چيئرمين عهدي تي برقرار رهندو، نيب چيئرمين جي کي هٽائڻ جو فورم سپريم جوڊيشل ڪائونسل ھوندي نيب چيئرمين کي هٽائڻ جي طريقيڪار ۾ نيون ترميمون شامل ڪري ان کي واضح ڪيو ويو آھي. پارلياماني مامرن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته نيب قانون ۾ ترميم لاءِ جوڙيل ڪاميٽي بعد وزير اعظم ترميمي آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي جاري ٿيندڙ ترميمي آرڊيننس تحت حاضر سروس توڙي رٽائرسيشن جج، ايڊيشنل سيشن ججن کي به نيب عدالتن ۾ مقرر ڪري سگهبو، نيب ڪيسن جي ٽرائيل ڪورٽن کي ضمانت ڏيڻ جو اختيار به ڏنو پيو وڃي جيڪو ٽرائيل ڪورٽن وٽ اڳ اختيار نه هو مختلف نيب قانون جي شقن تحت واپارين، ڪاروباري ماڻهن کي هراسان ڪيو ويندو هو انهن ۾ به ترميم ڪري تبديلي آندي وئي آھي، قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ جاري ٿيندڙ آرڊيننس کي قانون جي صورت ڏيڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو جڏهن ته قانون جي وفاقي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته نيب قانون ۾ نيب چيئرمين جي عهدي تي چارسالن تائين رهڻ بعد مدت ۾ توسيع نه ٿي سگهندي واري پابندي کي ختم ڪيو پيو وڃي جاري ٿيندڙ آرڊيننس تحت ٽيڪس مامرا نيب جي دائري ۾ نه ايندا انهن مامرن ۾ ڪاروائي جو اختيار ايف بي آر جو هوندو هوڏانهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نيب آرڊيننس جو مامرو وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ زير غور هيٺ نه آيو پر آرڊيننس تيار ٿي ويو آھي جيڪو اڄ اربع ڏينهن جاري ڪيو ويندو.