نئون ديرو(رپورٽ: نور محمد سومرو) مدئجي ۾ هلندڙ خروس ۽ ناريجا برادريءَ ۾ پراڻي تڪرار تان نئون ديرو ٿاڻي ڀرسان دين محمد ڀٽو جي مڇي واري کڏ ڀرسان خروس برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ ڦلپوٽا جو رهواسي لطيف ناريجو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته گلشن ناريجو سخت زخمي ٿي پيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لطيف ناريجي جو لاش ۽ زخمي گلشن ناريجي کي کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايو، جتي گلشن ناريجو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻنهي مقتولن جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙهه  وارثن حوالي ڪيا جيڪي ڳوٺ ڦلپوٽا کڻا ئي ويا. ٻنهي مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارث عورتون مقتولن جي لاشن کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري زارو قطار روئينديون رهيون. اسپتال ۾ موجود مقتول لطيف ناريجي جي امڙ کي بيهوشيءَ جا دورا پوندا رهيا.

ناريجا خروس تڪرار تان واسطو ناهي، بيگناهه اسان جا 2 ماڻهو ماريا ويا: وارث

نئون ديرو: مقتول گلشن ناريجو جي چاچي صحبت ناريجو ٻڌايو ته اسان جو ناريجا – خروس تڪرار سان ڪو به واسطو ناهي. خروس ڌر جو تڪرار درياءَ پار وارن ناريجا برادري جي ڌر سان آهي ۽ خروس ڌر جي جوابدارن غلام محمد، اياز، غلام علي ۽ ٻين اسان کان 10 لک ڀتو گهريو جيڪو اسان کين ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي نئون ديرو شهر مان عيد خريداري ڪري گڏهه گاڏي تي واپس ڳوٺ ڦلپوٽا ايندڙ اسان جي ٻن نوجوانن لطيف ۽ گلشن ناريجو کي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو آهي. اسان بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جا ووٽر آهيون ۽ انهن کي اپيل ڪريون ٿا ته هن مامري جو فوري نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

مدئجي ۾ 28 سال اڳ چوري تان شروع ٿيل تڪرار ۾ 16 ڄڻا قتل ٿي چڪا

نئون ديرو:  مدئجي ۾ 28 سال اڳ ناريجا ۽ خروس برادري ۾ چوري جي مامري تان جهيڙو شروع ٿيو هو جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا 14 ڄڻا مارجي چڪا آهن. جڏهن ته لطيف ناريجو ۽ گلشن ناريجو جي مارجڻ بعد انگ وڌي 16 ٿي ويو.

وارثن نئون ديرو صدارتي هائوس ٻاهران نوجوانن جا لاش رکي ڌرڻو هنيو

نئون ديرو: خروس ۽ ناريجا برادري جي هلندڙ پراڻي تڪرار تان قتل ڪيل ٻن مقتولن جا لاش کڻي نئون ديرو صدارتي هائوس ٻاهران ٻنهي مقتولن گلشن ۽ لطيف ناريجو جا لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ شامل پير بخش، محرم، پٺاڻ، قادر بخش، بهادر، علي شير ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اڄ انصاف جي اميد کڻي صدارتي هائوس تي آيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري واقعي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي فوري طوي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ڊي ايس پي نئون ديرو نثار بروهي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري مقتولن جا مڙھ واپس کڻائي ويا.

خروس ناريجا ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان واقعو پيش آيو: ايس ايچ او نئون ديرو

نئون ديرو: رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نئون ديرو شاهد ميمڻ ٻڌايو ته واقعو خروس ۽ ناريجا برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي جنهن ڪري ٻن مقتولن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مدئجي ڀرسان جوابدارن جي گهرن تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار ڌر اڳ ئي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا هئا. جلد قاتلن کي گرفتار ڪري مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو ۽ قتلن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ٻٽي قتل جو نوٽيس ورتو

نئون ديرو: قتل ٿيل ناريجا برادري جي ٻن نوجوان جي قتل جو ڊي آءِ جي لاڙڪانو ناصر آفتاب نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي سختي سان هدايتون ڏيندي چيو ته جهيڙيندڙ علائقي ۾ پوليس جي وڌيڪ نفري مقرر ڪئي وڃي. ۽ ٻن قتلن ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري امن امان جي صورحال کي بهتر بڻايو وڃي. جڏهن ته ڊي ايس پي نئون ديرو ۽ ايس ايڇ او نئون ديرو کي سختي سان هدايتون ڏيندي چيو ته جيستائين مقتولن جي قتلن ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿا ٿين تيستائين مقتولن جي گهرن ٻاهران ڪئمپ قائم ڪئي وڃي.