نئون دمبالو ( ن پ ا) نئون دمبالو ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، غريب ماڻهو سخت پريشان، ان ڏس ۾ شهر ۾    واڱڻ 80 رپيا، گوبي 80 رپيا، گجر 70رپيا، ميھا 130رپيا، مٽر 150رپيا ۽  فروٽ صوف 200 رپيا، نارنگي 230 رپيا وڏو گوشت 700رپيا، ڇيلي جو گوشت 1500رپيا، مرغي 550 رپيا، مڇي 450 رپيا ڪلو وڪري ٿي رهي آهي،  ان حوالي سان شهرين دانهيندي چيو ته مهانگائي سبب ٻن ويلن جي ماني به مسئلو بڻجي وئي آهي، نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪئي وڃي.