پشاور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي قبائلي جرڳي آپريشن عزم استحڪام جي سخت مخالفت ڪندي چيو آهي ته بندوق جي زور تي حڪومت جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، عالمي عدالت ڏانهن وڃڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. محمود خان اچڪزئي قبائلي کي خطاب ڪندي چيو ته قبائلين کي چيو ويو ته توهان ماڻهو آزاد آهيو، قبائلين جي انضمام جو ذڪر ڪٿي نه هو، اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اسان عالمي عدالت سان رابطو ڪريون، پارليامينٽ ۾ اسان جي آواز کي سينسر ڪيو وڃي ٿو، توهان جي توپن ۽ ڪارتوسن جو رخ اسان طرف آهي، ان باوجود اسان سچ ڳاللهائيندا رهنداسين، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته ڪنهن به فوجي آپريشن کي نه مڃينداسين ۽ نه حمايت ڪنداسين، اسان توهان جي ڏنڊي کان ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو آپريشن ڪامياب ٿيو؟ اسان جي ٻارڙن ۽ اسان جي هٿن ۾ قلم بدران ڪلاشنڪوف ڏني وئي، قبائلي علائقن ۾ امن نه ٿيو ته پوءِ پاڪستان ۾ به امن قائم نه ٿي سگهندو، ڪي پي حڪومت جي ترجمان بيرسٽر سيف خطاب ڪندي چيو ته عمران خان جي اجازت کان بغير اسان آپريشن کي نه مڃينداسين، قبائلي علائقن ۾ امڪاني آپريشن جي ڳالهه ٿي رهي آهي، وزير عزم استحڪام آپريشن جي ڳالهه ڪئي ته ڪنفيوزن ٿي، دهشتگردن خلاف آپريشن جي اسان مخالفت نه ڪنداسين، اسان افغانستان ۾ روس جو مقابلو ڪيو جيستائين اسان جي اسيمبلي جي چونڊيل نمائندن ۽ اسان جي حڪومت کي اعتماد ۾ نه ورتو ويندو اسان اهڙي آپريشن جي اجازت نه ڏينداسين، جنهن علائقي ۾ ڪارروائي جو پروگرام هجي علائقي جي عوام جي مرضي کان بغير ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي.