مٿيرا انسٽاگرام تان پنھنجون سموريون تصويرون ڇو ھٽايون

0
290

ڪراچي (شوبز نيوز) ميزبان ۽ ماڊل مٿيرا سوشل ميڊيا تان پنھنجون سموريون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون، سوشل ميڊيا جي مقبول پليٽ فارم انسٽاگرام تي مٿيرا جي پاران ھڪ اسٽوري شيئر ڪندي مداحن کي تصويرن جي ڊليٽ ڪرڻ بابت اطلاع ڏنو، مٿيرا پنھنجي پوسٽ ۾ لکيو تھ مان پنھنجون تصويرون ڪجھ وقت لاءِ ھٽائي رھي آھيان، محرم جا 10 ڏينھن ھر انسان جي لاءِ مختلف آھن، مان مجلسن ۾ شرڪت ڪندي آھيان ان جي لاءِ چاھيان ٿي تھ منھنجي پروفائيل تي ڪجھ اھڙيون تصويرون جيڪي ھن مھيني لاءِ غير موزون ھجن، مٿيرا پنھنجي پيغام ۾ چيو تھ ھر انسان کي زندگي گذارڻ جو پنھنجو طريقو آھي، مھرباني ڪري مون تي سوال اٿارڻ ۽ الزام لڳائڻ بند ڪيو وڃي.