مٽياري ۾ گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري جو اغوا ڪيس داخل

0
323
مٽياري ۾ گهران نڪري

مٽياري: مٽياري ۾ گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري جو اغوا ڪيس ٻن ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو، ڪرن سمون جي والده زبيده سمون ڪيس ۾ الزام هنيو آهي ته ڌيءُ دوا وٺڻ لاءِ گهران نڪتي ته جوابدار ذيشان شيخ ساٿين سان گڏجي کيس اغوا ڪري ويو

ڪرن سمون جي والده زبيده سمون جو چوڻ ھو تھ ڌيءُ جي زوري شادي ڪرائي وڊيو بيان جاري ڪرايو ويو آهي، وارثن طرفان ناري کي جلد بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي

ڪرن سمون گذريل ڏينهن جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو هو ته هُن مرضيءَ سان ذيشان شيخ سان شادي ڪئي آهي، مون کي ڪنھن بھ اغوا ناھي ڪيو

ھي به پڙھندا

ڳڙهي خيرو ويجهو مڙس پاران مبينا ڪارنهن تهمت مڙهي زال کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش