مٽياري ۾ پ پ لاءِ نئون ڏچو، ٽڪيٽ نه ملڻ تان بغاوت شروع؟

0
213

مٽياري: پ پ قيادت پاران ٽڪيٽ نه ڏيڻ تي سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ حامين جو اجلاس گهرائي ورتو آهي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ پي ايس 57 يا اين اي 216 تي ٽڪيٽ نه ملڻ تي پارٽي قيادت کان ڪاوڙيل آهي

اين اي 216 ۽ ٻن صوبائي تڪن جون ٽڪيٽون مخدوم خاندان کي ملڻ بعد ضلعي جي سياست ۾ تبديلي جا امڪان آهن

ذريعن موجب اجلاس ۾ پارٽي ڇڏڻ يا نه ڇڏڻ،  ڪنهن کي ووٽ ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويندو

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽر محمد  علي شاهه ڄاموٽ ۽ مخدوم فخرالزمان آمهون سامهون ٿيا هئا