مٽياري (رپورٽر) مٽياري شهر ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص پوليس جون الگ الگ ڪارروائيون، پوسٽ ماسٽر ۽  سونارو کنڀجي ويو، پوليس ذريعن موجب ته ميرپورخاص پوليس ڪارروائي ڪندي مير حسن محلا مان پوسٽ ماسٽر اسداﷲ ميمڻ کي کڻي وئي آهي،  ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته اسد اﷲ ميمڻ مٿان ميرپورخاص تعلقي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي، ان ڪري کيس گرفتار ڪيو آهي، ٻئي پاسي حيدرآباد پوليس شهر جي سونارا باراز ۾ ڪارروائي ڪندي الطاف سوناري کي کنڀي کڻي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي حيدرآباد مان هڪ گهر مان ڌاڙو لڳو هو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ سون چوري ٿيو،  جيڪي جوابدار گرفتار ٿيا آهن انهن پاران الطاف سوناري کي سون وڪرو ڪرڻ جو چيو ويو آهي، جنهن جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي آهي. ٻئي طرف سونارا اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسانجي سوناري ڪو سون ناهي ورتو، پوليس بي گناهه نوجوان الطاف کي کڻي وئي آهي.