مٽياري  (رپورٽر) ڪافي وقت کان ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ون مٽياري جي پوسٽ تي مقرر غلام سرور ٿيٻو  جي پراسرار طور غير حاضر رهڻ ۽ لاڳاپيل ڪم رولڙي جو شڪار رهڻ سبب کيس عهدي تان هٽايو ويو،  سيڪريٽري فنانس سنڌ پاران ٿرپارڪر مان حاجي مظفر خان کي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ون مٽياري مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته غلام سرور ٿيٻو کي فنانس کاتي ۾ رپورٽ ڪرائي وئي،  ياد رهي ته گسٽا ۽ ٻين کاتن جي عملدارن مٿين آفيسر جي رويي خلاف شڪايتون پڻ ڪيون هنيون.