مٽياري (رپورٽر ) مٽياري پوليس ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف 66 ڪيس داخل ڪري 65 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، ڊي سي ۽ ايس ايس پي مٽياري پاران جاري ڪيل منشيات خلاف ڪيل ڪارروائي رپورٽ موجب مٽياري سب ڊويزن جي مختلف ٿاڻن تي 18، کيبراڻي ۾ 8، هالا سب ڊويزن ۾ 13 ۽ نيوسعيدآباد سب ڊويزن ۾ 27 ڪيس منشيات فروشن خلاف داخل ڪيا ويا آهن، هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي پاران پوليس آفيسرن سان ڪيل گڏجاڻي ۾ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي کين وارننگ ڏني ته منشيات وڪري بابت ڄاڻ ملڻ تي حد جي ايس ايڇ اوز خلاف کاتيوار ڪاروائي ڪئي ويندي.