مٽياري ۾ تازي ڄاول ٻار کي اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ وارو مامرو، گرفتار 4جوابدار عدالت ۾ پيش

0
130

مٽياري (رپورٽر) سيکاٽ مان تازو ڄاول ٻار کي اغوا ڪري ٻن هزار رپين ۾ وڪرو ڪرڻ وارو مامرو، اغوا ۾ ملوث پوليس اهلڪار ۽ سندس زال سميت چئن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، گذريل ڏينهن سيکاٽ ٿاڻي تي ڏاڏي صاحب ڏنو جي فرياد تي ٻن عورتن، هڪ پوليس اهلڪار سميت چئن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي موجب اسان پنهجي گهر ستل هئاسين ته مسمات مريم ماڇي ۽ سندس مڙس جاکري ٿاڻي جي اهلڪار تازي ڄاول پوٽي کي اغوا ڪري ڀٽ شاهه واسي مسمات عزيز بانو عرف شهناز بروهي ۽ علي گل بروهي کي ٻن هزار رپين عيوض وڪرو ڪري ڏنو، اطلاع تي سيکاٽ پوليس ٻن عورتن سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو، پوليس سول جج اينڊ جڊيشنل مئجسٽريٽ ڪنزيومر ڪورٽ ۾ جوابدارن کي پيش ڪيو، عدالت جوابدارن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.