مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي ۾ برساتن سبب ٿيل نقصان جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان راشد لاڳاپيل کاتن کي چوماسي جي برساتن دوران ضلعي اندر ٿيل نقصان جا تفصيل جلد کان جلد جمع ڪرائڻ جي هدايت ڏيندي سڀني عملدارن کي برساتن جو سلسلو ختم ٿيڻ تائين فيلڊ ۾ موجود رهڻ جو پابند ڪيو آهي ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿئي، هن صحت کاتي جي عملدارن کي اسپتالن اندر گهربل دوائن جي دستيابي يقيني بنائڻ ۽ برساتن دوران اسپتالن اندر ايمرجنسي نافذ ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر سيڪريٽريٽ مٽياري ۾ هلندڙ برساتن دوران رليف، ريسڪيو ۽ پاڻي جي نيڪالي بابت سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون منظور احمد لغاري، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نظير ملاح، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن محمد صابر ڪاڪا، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ نجمه هاليپوٽو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت رفيق راهو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر رياض حسين لغاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت سليم راجپوت، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عديل احمد سوهو، مختيارڪار مٽياري غلام مصطفيٰ شر، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آفيسر پرويز ڀٽو، ايجوڪيشن آفيسر شعيب رحمان قاضي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان راشد صحت، لائيو اسٽاڪ، زراعت، تعليم، ميونسپل توڙي ٽائون انتظاميه کي برساتن دوران ٿيل جاني توڙي مالي نقصان بابت حقيقي انگن اکرن تي ٻڌل رپورٽ جمع ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون ته جيئن سنڌ حڪومت جي رليف کاتي پاران متاثر ماڻهن جي فوري طور تي مدد لاءِ اپاءَ وٺي سگهجن. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته هن مهل تائين پيل برسات سبب ضلعي جي 19 ديهن کي ابتدائي طور تي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته برساتي صورتحال جو جائزو وٺي نقصان بابت تازي رپورٽ جلد اعليٰ اختيارين ڏانهن موڪلي ويندي ته جيئن متاثرن جي ڀرپور مدد ٿي سگهي.