مٽياري (رپورٽ: ڪامران ميمڻ) مٽياري ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر سميت مختلف علائقن جا رهواسي پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب مٺو پاڻي پئيڻ کان محروم آهن، ان حوالي سان شهرين جو چوڻ آهي ته ضلعي حڪومت پاران ضلعي مليل گئس اينڊ رائلٽي جي پئسن مان ڪروڙين رپين جي لاڳت سان 43 کان مٿي آر او پلانٽس لڳايا ويا هئا ته جئين جتي جتي ضلعي اندر جر جو پاڻي کارو هجي ته اتي جو عوام مٺو پاڻي پئي سگهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي  سبب مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ واري سهولت به عوام کان کسي پئي وڃي، ان حوالي سان پير علي شير سرهندي، سماجي اڳواڻ رحمت ﷲ ٽرڪ، ڪامريڊ نور محمد ڀينڊو، يوسف خاصخيلي ۽ ٻين وڌيڪ چيو ته گذريل اٺن مهينن کان آر او پلانٽس جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ ملي سگهيون آهن جنهن سبب آر او پلانٽ غير فعال بڻيل آھن جڏھن ته آر او پلانٽس کي فلٽر لاءِ استعمال ٿيندڙ مٽيريل به مهيا نه پيو ڪيو وڃي، هنن چيو ته آر او پلانٽ بند هجڻ ڪري اسان زهريلو، بدبودار، بيمارين جو باعث بڻجندڙ پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهيون، ضلعي حڪومت پاران لڳايل سمورا پلانٽ فعل ٿي چڪا آهن، اسان ڏورانهن علائقن مان پاڻي پئسن عيوض وٺي واپرائڻ تي مجبور آهيون، آر او پلانٽ ڪاغذن ۾ فعال ڏيکاري پئسا به ڪڍيا پيا وڃن پر عملي طور سمورا پلانٽ غير فعال آهن پر پبلڪ هيلٿ کاتي وارا ڪنهن جي به ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آهي آخر هن ضلعي جي عوام جي ڪير مالڪي ڪندو، پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي اڳواڻ جميل منگواڻو جو چوڻ هو پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي آهي جو ٻن ٻن ملازمن جا پگهار، لکين رپيا بجليءَ جا بل، فلٽر جا بل ۽ ڪاغذي ڪاروائي بعد ڪڍيا پيا وڃن پر عوام کي رليف نه ٿو ڏنو وڃي. اسان هاڻ پاڻ سنڌ هائي ڪورٽ وينداسين، هنن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضي علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ان معاملي جو نوٽيس وٺندي اهو اهم مسئلو حل ڪيو وڃي.