مٺي (رپورٽر) مٺي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ انڊس لائير پئنل اڪثريت سان ڪامياب، موهن لال  منٺاراڻي صدر ۽ جاويد بجير جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا،  حامين جو جشن، جهمريون، خبر موجب مٺي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيشن جن ساليانيون  چونڊون ٿيوم جنهن ۾ وسند ٿري ۽ ڀيرو لال  جي گڏيل ٿر اتحاد پئنل ۽ جاويد اختر بجير جي انڊس لائير پئنل وچ ۾ مقابلو ٿيو، مقابلي ۾ انڊس پئنل جو موهن لال منٺاراڻي 48 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ سندس مقابلي ۾ مخالف پئنل جو اميدوار 36 ووٽ کڻي کڻي سگهيو، جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي انڊس پئنل جو اميدوار جاويد بجير 51 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، سندس مقابلي ۾ قيمت راءِ ميگهواڙ 31 ووٽ کڻي هارائي ويو، انڊس لائير پئنل جي ٻين ڪامياب اميدوارن ۾ اڪبر عادل، موهن لال ڀيل، ارشاد جوڻيجو، سنيل گر گوسوامي، جاويد اختر بجير، راءِ سنگھه سوڍو، غلام مصطفيٰ هنڱورجو، همليش کيماڻي، منوج راٺي ، انچلارام، هيمون ڀيل ۽ ٻيا شامل آھن، ڪامياب پئنل جي حامي وڪيلن جشن ملهايو ۽ دهل شرنائين تي جهمريون هنيون.