پٽ جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينس نه ڏيڻ تان پيءُ جو ڌرڻو

0
489

مٺي (ن پ ا) تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ويرا واهه سان تعلق رکندڙ شاگرد راجيش سول اسپتال مٺي ۾ فوت ٿي ويو، سول اسپتال انتظاميه پاران وارثن کي لاش کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي شاگرد جي والد ٽيڪسي جا پيسا نه هئڻ سبب اسپتال اندر لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن تي سول اسپتال مٺي ۾ موجود ماڻهن چندو ڪري چار هزار گڏ ڪري پورهيت کي ڏنا، جنهن بعد ۾ ٽيڪسي گهرائي فوتي شاهد جو لاش کڻائي روانه ٿي ويو.