مٺياڻي ڀرسان بااثرن ٽيڪسي ڊرائيور جو لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو

0
143
مٺياڻي ڀرسان بااثرن

مٺياڻي (ن پ ا) نوان جتوئي واسي فوت ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور شهاب الدين پنهور جو لاش با اثر قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو

فوتي جا وارث پنهنجي اباڻي قبرستان صابر شاهه ۾ لاش دفنائڻ لاء  قبرکوٽي رهيا هئا ته نوان جتوئي واسي با اثر محمد عمر جتوئي کوٽيل قبر ۾ پاڻ لهي پيو ۽ فوتي جي وارثن کي لاش دفنائڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

فوتي جي ڀاءُ تميز پنهور ڪمال پنهور مجيد پنهور سوين ماڻهو لاش مٺياڻي نوان جتوئي روڊ تي رکي ڌڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

ميهڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب معصوم ٻارڙن سوڌو 9 ڄڻا سڙي فوت، علائقي ۾ قيامت جا منظر