ڪراچي: ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ اي ون گريڊ حاصل ڪندڙ ذهين شاگردن کي اسڪالر شِپ ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ هڪ ارب 2 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظيرآباد ۽ سکر ڊويزن ۾ ”ڊويزن نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالر سِپ“ تحت هر ڊويزن جي ڪمشنر وٽ 10_10 ڪروڙ روپيا رکيا ويندا، جنهن مان هوشيار ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالر شپ ڏني ويندي.