حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٽائون ميونسپل آفيسرن جي پڌري ڪيل نتيجن کي سوشل ميڊيا رد ڪري ڇڏيو آهي. نتيجن ۾ پئسن جو استعمال وڏن سياسي اڳواڻن جي مائٽن، خاص ماڻهن جي چونڊجي اچڻ کي نديندي نتيجن خلاف عدالتن سان رجوع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٽن ڏينهن کان ظاهر ڪيل نتيجن کانپوءِ سوشل ميڊيا رابطا مهم تي وڪيلن، سياسي اڳواڻن، صحافين توڙي سول سوسائٽي ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن توڙي عام ماڻهن پنهنجي پنهنجي آءِ ڊيز تي نتيجن کي رد ڪيو آهي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو ڄاڻايل نتيجن کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ لاءِ پنهنجون خدمتون سنڌ جي نوجوانن کي آڇون آهن. ڪميشن جي نتيجن تي تنقيد ڪندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ واحد اهو ادارو هو جتي قابل ۽ محنتي غريب شاگرد ٽيسٽ پاس ڪري وڏن عهدن تي پهچندا هئا پر گذريل 20 سالن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مختلف شعبن لاءِ ورتل امتحانن ۾ رشوت ۽ سفارش عيوض سليڪشن ڪرڻ جا اسڪينڊل سامهون ايندا رهيا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هاڻي سنڌ پيپلز سروس ڪميشن بڻجي وئي آهي. انهن جو چوڻ آهي ته زرداري ۽ سندس پارٽي سنڌ جي ٻين ادارن وانگر پبلڪ سروس ڪميشن کي به تباهي واري ڪنڌي تي پهچائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ڪو به غريب ۽ مسڪين اهل نوجوان ڪميشن ذريعي پاس ٿي وڏي عهدي تي پهچڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي. سوشل ميڊيا موجب سڄي سنڌ جي ماڻهن پاران انهن نتيجن کي رد ڪرڻ سبب پاس ٿيل اميدوار پريشاني جي ورچڙهي ويا آهن پر ڏسڻو اهو آهي ته اهو معاملو عدالتن ۾ پهچي ٿو يا نه ۽ جي پهچي ٿو ته عدالتن مان ڪهڙا فيصلا اچن ٿا.