ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ ڪڪڙن ۾ مبينا طور بيماري پکڙجي وئي، شهر ۾ بنا وئڪسين جي ڪڪڙ جو گوشت 500 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو، ان حوالي سان شهرين اظھر علي ،فراز احمد، سراج الدين ۽ ٻين ٻڌايو ته شهر ۾ ڪڪڙن ۾ بيماري پکڙجي وئي آهي، هنن چيوته دڪاندار بيمار ڪڪڙن جو گوشت به 500 رپيا في ڪلو وڪرو  ڪري رهيا آهن، مامري جو نوٽيس ورتو وڃي، ٻي طرف مارڪيٽ ڪاميٽي جي سيڪريٽري اقبال احمد جوڻيجو پڻ مرغي سميت ٻين جانورن ۾ بيماري ھجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي، ھن چيو ته اسين انتظاميا سميت ڊاڪٽرن کي بيمار بابت لکيو آھي، هن ٻڌايو ته ڪاسائين ۽ گوشت فروخت ڪندڙن کي پڻ پابند ڪيو آھي ته جانورن ۽ ڪڪڙن کي وئڪسين ڪرڻ بعد گوشت وڪرو ڪيو وڃي.