ميهڙ(ن پ ا) ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ انڊس هاء وي باء پاس روڊ تي ٻٽ پئٽرول پمپ وٽ 3 نامعلوم هٿيار بند ڦورن هٿيارن جي زور استاد علي گوهر کوکر کان موٽر سائيڪل، موبائيل فون ۽ هزارين رپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جو بروقت اطلاع باوجود ميهڙ پوليس هٿيار بندن ڦورن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي ۽ هٿيار بند آرام سان ڦر ڪري گاجي کهاوڙ روڊ سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڦر واقعي جي ميهڙ ٿاڻي تي ڪابه رپورٽ داخل ناهي ڪئي وئي