ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ۾ نانگ جي ڪکيل عورت تعلقه اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت، کيس ويڪسين نه ملي، عورت جي وارثن جو احتجاج. ان سلسلي ۾ ميھڙ جي ڳوٺ نثار کوسو جي رھواسڻ عورت اميران زال يوسف کوسو کي گھر ٻاھران ڪم ڪرڻ دوران نانگ ڪکي زخمي ڪري وڌو جنھن کي ويڪسين لاءِ تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو جتي کيس ويڪسين نه ملي سگھي، زخمي عورت تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ تڙپندي تڙپندي فوت ٿي وئي. تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ فوتي عورت جي وارثن محمد موسيٰ، روشن، ستار کوسو ويڪسين نه ملڻ ۽ تعلقي اسپتال ۾ علاج نه ٿيڻ خلاف اسپتال جي مک گيٽ آڏو عورت جو لاش رکي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ھنن چيو ته اسان جي عورت نانگ جي چڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي تعلقه اسپتال آندو جتي علاج نه ٿيو نه ئي وري ويڪسين ملي سگھي اسان خانگي اسٽورن تي چڪر لڳايا پر اسان جي عورت تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي ھنن تعلقي اسپتال انتظاميا جي لاپرواھي ۽ غفلت ڪندڙن خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي.