ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ بينڪ انتظاميا پاران ملازمن کي پگھارون ڏيڻ دوران پريشان ڪرڻ جون شڪايتون مليون آهن، 6 تاريخ ھجڻ باوجود ڪيترن ئي استادن توڙي سرڪاري ملازمن کي پگھارون نه ملي سگھيون، ھاء اسڪول جي استاد عبدالله چنا نيشنل پريس ڪلب دانھيو ته مان نيشنل بئنڪ ۾ پنهنجي پگهار  جا  پئسه ڪڍرائڻ ويس ته مينيئجر منھنجو چيڪ واپس ڪندي چيو ته چيڪ تي اوهان جي صحيح مئيچ نه ٿي ٿئي ھن چيو ته منھنجو پنھنجو اڪائونٽ آھي ۽ صحيح  به منھنجي آھي پر مينيجر منھنجي ھڪ به نه ٻڌي ۽ مونکي واپس ڪري ڇڏيو مون کيس بايو مئٽرڪ ذريعي تصديق جو به چيو پر ھن ڪا به نه ٻڌي هن چيو ته عيد ويجھو آھي مان ھاڻي گھر جون ضرورتون پريون ڪئين ڪندس. اسان جو تدارڪ ڪيو وڃي.