ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ شھر سميت ننڍن وڏن علائقن ۾ اڄ عيدالاضحيٰ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائي پئي وڃي،  شھر جي مرڪزي عيد گاهه ، شھيد عاشق جتوئي پارڪ ، مرڪزي امام بارگاهه ، ابن عباس مدرسه سميت 30 کان وڌيڪ ھنڌن تي عيد نماز ادا ڪئي ويندي، جڏھن ته ٿرڙي محبت ، نئون ڳوٺ ، راڌڻ ، فريدآباد ، شاہ پنجو ، قاضي عارف ، لونگ مھيسر ، پوراچو ، ٻليدائي ، ڪولاچي ، سوجھرو ڳورڙ سميت ننڍن وڏن علائقن ۾ به عيدالاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي ويندي، عيد نماز بعد سنت ابراھيمي ادا ڪندي قرباني ڪئي ويندي.  شھر سميت ننڍن وڏن علائقن ۾ عيد نماز جي اجتماع وارين جاين تي صفائي جا نظام اڻپورا ڪيا ويا آھن ۽ جانورن جي اضحيٰ لاءِ  ڪنھن به مخصوص جڳهه  جو بندوبست نه ڪيو ويو آھي، کليل روڊ رستن تي اضحيٰ  ڪرڻ سبب گندگي ڦهلڻ  جو خدشو آهي.